122

ڪاڇي ۾ پراڻي دشمني تان ھٿياربندن نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو

فريدآباد (ويب ڊيسڪ) ڪاڇي ۾ تيل گيس ڪمپني ويجهو پرائي دشمني تان مارفاڻي  برادري  جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان ٻيھر جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾  ڳوٺ شھمير خان  مارفاڻي جي رھواسي نوجوان  18 سالا لکمير پٽ واجد مارفاڻي کي سڌيون گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته فائرنگ ڪندا جوابدار فرار ٿي ويا. جڏهن ته حمل ٿاڻي جي پوليس اطلاع باوجود واقعي واري جاءِ تي نه پھتي ـ لاش 3 ڪلاڪ جاءِ واردات تي پيل رھيو. جڏهن ته مقتول جي وارثن سندس جو چاچو وھاب مارفاڻي  ماروٽ نثار مارفاڻي  مزدا گاڏي ۾ لاش کڻائي حمل ٿاڻي تي پھتا. جڏهن ته جتان پوليس وارثن سان گڏجي لاش وارھ تعلقا اسپتال پھچايو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ـ ھوڏانھن مقتول جي وارثن وھاب مارفاڻي  نثار مارفاڻي چيو ته  اسان جا مخالف رضا محمد ـ نصرت ـ ماڪن ۽ سعيد ھلان ڪري اچي گوليون ھڻي نوجوان کي قتل ڪري ويا آهن اسان غريب مسڪين پورھيت آھيون ـ اسان جي نوجوان کي بي گناھ ماري ويا آهن ـ پوليس به جاء واردات تي ناھي پھتي ـ ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو  ـ ايس ايس پي قمبرشھدادڪوث ڊي ايس پي وارھ  کان گھر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ـ ٻئي طرف حمل ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر ٿي نه سگھيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو