101

افغانستان کي دهشتگردن جو ڳڙهه بڻائڻ کان ڪيئن روڪجي..؟

آمريڪي صدر جوبائيڊن طرفان واضح ڪيو ويو آهي ته دولتِ اسلاميه خراسان خلاف جنگ جاري رهندي، جڏهن ته اهڙن ئي خيالن جو اظهار برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري ڊومينڪ راب به ڪري چڪو آهي، سندس چوڻ آهي ته برطانيا ائين ڪرڻ لاءِ سمورا قومي وسيلا ڪتب آڻيندو، ته ان جو عملي مطلب ڪهڙو آهي؟ مغربي ملڪن جي وس ۾ اهي ڪهڙا وسيلا آهن جن جو نڪري وڃڻ کانپوءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو؟ يا جيئن ڪجهه تنقيد نگارن جي خيال ۾ ڇا ان دعويٰ ۾ بلڪل وزن نه آهي؟ سڀ کان اڳ ته ان ڳالهه جو تجزيو ڪريون ٿا ته مغرب ان ڏس ۾ اڄ تائين ڇا ڪجهه وڃايو آهي، طالبان جي افغانستان جي تقريبن سمورن علائقن تي قبضي کانپوءِ مغربي انٽيليجنس ايجنسين خاص ڪري سي آءِ اي، ايم آءِ 6 وغيره وٽ افغانستان ۾ ڪا به قابل اعتماد سيڪيورٽي سروس موجود نه آهي، گذريل 20 سالن دوران نيٽو ۽ ٻين ملڪن جي فوج افغانستان ۾  موجود هئي ۽ ملڪ جي ڳجهي ايجنسي اين ڊي ايس طرفان فراهم ڪيل انٽيليجنس جي ڪري کين القاعده، داعش خراسان ۽ ٻين جهادي تنظيمن جي سرگرمين تي نظر رکڻ ۾ مدد ملندي هئي. افغان، آمريڪي، برطانوي ۽ ٻيون اسپيشل فورسز ان معلومات جي روشني ۾ عام طور هيليڪاپٽر ذريعي رات جي انڌيري ۾ انهن ٽارگيٽن کي نشانو بڻائينديون هيون ۽ اڪثر انهن ٺڪاڻن کي تباهه ڪري ڇڏيندا هئا جن جي ذريعي هي تنظيمون ڪو عالمي حملو ڪرڻ جي اهل ٿي سگهيون ٿي،  اهو ئي سبب آهي ته اها دعويٰ ڪئي ويندي رهي آهي ته 20 سالن ۾ هڪ به اهڙي عالمي حملي لاءِ افغان سرزمين جو استعمال نه ڪيو ويو، ته سوال اهو آهي ته هاڻ ڇا ٿي سگهي ٿو؟ افغانستان ۾ 2 فضائي اڏا ۽ ڳجهن اهلڪارن جي هڪ نيٽ ورڪ جي خاتمي هاڻ مغرب (يعني بنيادي طور تي آمريڪا ۽ برطانيا) کي ان ڳالهه تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته هو پيغامن کي ٽيلي ڪميونيڪيشن جي ذريعن سان جاچي سگهن يا وري ڊرون حملا ڪري سگهن، آمريڪا طرفان ننگرهار صوبي ۾ دولت اسلاميه خراسان جي هڪ ميمبر کي خميس واري رات ڪابل ايئرپورٽ حملي جي ڪجهه ئي دير کانپوءِ نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته آمريڪا اڃا به ان راند ۾ هڪ ڌر ضرور آهي ۽ ائين نه آهي ته کيس خبر نه آهي ته ان جا دشمن افغانستان جي پري پري وارن علائقن ۾ سندس خلاف ڪهڙا منصوبا ٺاهي رهيا آهن، قطر جي العديد فضائي اڏي تي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي آفيس افغانستان ۾ ٿيندڙ آپريشنز جي نگراني ڪري ٿي ۽ جڏهن به ڪنهن ٽارگيٽ جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي ته هو ان خطي ۾ ڪيترن ئي ذريعن کان ان تي حملو ڪرائي سگهي ٿو، جن ۾ سڀ کان نمايان ڊرون آهن، جيڪي فضا ۾ ڪنهن به مخصوص جاءِ جي مٿان ڳجهي طور تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اڏامي سگهن ٿا ۽ ان دوران کين ڪير به ڏسي نٿو سگهي، پر ان ڳالهه کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته افغانستان هاڻ انٽيليجنس ايجنسين لاءِ هڪ ڏکيو ملڪ بڻجي چڪو آهي، اڪثر اهڙا ڳجها اهلڪار جيڪي انتهاپسند تنظيمن جي سرگرمين بابت کين آگاهه ڪندا هئا، هاڻ يا ته افغانستان ڇڏي چڪا آهن يا لڪي ويا آهن، ايم آءِ 16 ۽ برطانوي حڪومت جو ڳجهو ادارو جي سي ايڇ ڪيو پرڏيهي سيڪريٽري ڊومينڪ راب کي ئي رپورٽ ڪن ٿا، ان ڪري ان کي ايندڙ ڏينهن جي چئلينجن بابت ڄاڻ ضرور هوندي، جي سي ايڇ ڪيو ۽ آمريڪا جي نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي گڏجي شام ۽ عراق ۾ داعش جي ٺڪاڻن ڳولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر ايم آءِ 16 لاءِ حقيقت اها آهي ته ان کي نئين سر ڳجهن اهلڪارن جو هڪ نيٽ ورڪ ٺاهڻو پوندو، تڏهن ئي ان کي افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن وچ ۾ پنهنجا ايجنٽ مقرر ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندو. اهي ايجنٽ ڪنهن به امڪاني حملي جي باري ۾ اطلاع ڏئي سگهندا پر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن جو وقت گهربل هوندو، ان سان هڪ ٻيو سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا طالبان ۽ مغربي ملڪن وچ ۾ انٽيليجنس معلومات جي ڏي وٺ ٿيندي؟ جي ها، بلڪل ائين ئي آهي، پر اهو انتهائي محدود هوندو ۽ ٻنهي طرفن کان ان بابت عوامي طور تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي، هي افغان تڪرار بابت ڪيترين ئي عجيب ڳالهين مان هڪ آهي ته آمريڪا ۽ طالبان جن گذريل 20 سال هڪٻئي سان وڙهندي گذاريا آهن، اڄ اهي ٻئي دولت اسلاميه خراسان سان وڙهڻ لاءِ هڪ صفحي تي آهن. دولتِ اسلاميه خراسان گروپ القاعده ۽ طالبان ٻنهي جو باضابطا دشمن آهي ۽ اهو ايندڙ ڏينهن ۾ افغانستان جي نون حڪمرانن لاءِ وڏو چئلينج بڻجي سامهون اچي سگهي ٿو پر جڏهن ڳالهه القاعده اچي ٿي ته صورتحال گهڻي ڌنڌلي ٿي وڃي ٿي، گڏيل قومن طرفان جون ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ مطابق طالبان ۽ القاعده وچ ۾ مضبوط نسلي ۽ خانداني رشتا اڃا به موجود آهن. هلندڙ هفتي افغانستان ۾ اسامه بن لادن جي اڳوڻي سيڪيورٽي چيف امين الحق جي مبينا واپسي هڪ پريشان ڪندڙ اڳڀرائي آهي. اڪثر ملڪن ۾ دهشتگردي ٽوڙ اهلڪارن لاءِ اها اڳڀرائي ان ڪري به پريشاني واري ثابت ٿيندي ڇو ته امين الحق جو نالو آمريڪا عالمي دهشتگردن جي خاص فهرست ۾ رکيو آهي ۽ جيڪڏهن افغانستان ۾ کلي عام گهمي سگهي ٿو ته يقيني طور تي پريشان ڪندڙ ڳالهه ته آهي. مغربي ملڪ يقيني طور تي ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين افغانستان مان پنهنجون اکيون نه هٽائيندا.

گذريل 20 سالن دوران نيٽو ۽ ٻين ملڪن جي فوج افغانستان ۾  موجود هئي ۽ ملڪ جي ڳجهي ايجنسي اين ڊي ايس طرفان فراهم ڪيل انٽيليجنس جي ڪري کين القاعده، داعش خراسان ۽ ٻين جهادي تنظيمن جي سرگرمين تي نظر رکڻ ۾ مدد ملندي هئي. افغان، آمريڪي، برطانوي ۽ ٻيون اسپيشل فورسز ان معلومات جي روشني ۾ عام طور هيليڪاپٽر ذريعي رات جي انڌيري ۾ انهن ٽارگيٽن کي نشانو بڻائينديون هيون ۽ اڪثر انهن ٺڪاڻن کي تباهه ڪري ڇڏيندا هئا جن جي ذريعي هي تنظيمون ڪو عالمي حملو ڪرڻ جي اهل ٿي سگهيون ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو