102

پاڪستان جي معيشت، زراعت، صنعت ۽ معدنيات جي تاريخ….

ليکڪ: اويس ساگر سومرو 

صنعت:12 جنوري 1952ع تي پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن قائم ڪئي وئي، گڏيل پاڪستان سڻيءَ جو گهر هوندي، مغربي پاڪستان ۾ سڻيءَ جو هڪ به ڪارخانو موجود نه هو، جيڪي هئا سي به ننڍا ۽ معمولي درجي جا هئا، ورهاڱي کان اڳ کنڊ ٺاهڻ جا ننڍا ننڍا ڪارخانا هئا، فقط اٽي پيهڻ جون چڪيون، هڪ ٻه بسڪوٽ ٺاهڻ جا ڪارخانا، هڪ اڌ شراب ٺاهڻ ۽ بناسپتي گيهھ جا ڪارخانا هئا، ورهاڱي کان پوءِ صنعتن ۾ واڌارو آيو، ملڪي ضرورت واريون شيون ٻاهران گهرائڻ بدران پاڪستان ۾ ئي ٺهڻ شروع ٿيون، ان مقصد سان ترقياتي بورڊ، پاڪستان صنعتي مالياتي ڪارپوريشن (جنهن اڳتي هلي صنعتي ترقياتي بئنڪ (I.D.B.P) جو روپ ورتو، صنعتي سرمائيڪاري ڪارپوريشن، ٽيرف ڪميشن، ڇهن سالن واري رٿا، صنعتي ترقياتي ڪارپوريشن، گهريلو هنرن جي صنعت، پهرين پنج سالا رٿ (1955ع کان 1960ع) ٻي پنج سالا رٿ (1965ع تائين)، ٽئين پنج سالا رٿ (1970ع تائين)، چوٿين پنج سالا رٿ (1975ع تائين) ۽ انهن کانسواءِ وقت بوقت پاڪستان ۾ سائنسي تحقيقاتي ڪائونسل ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ادارا پڻ قائم ٿيندا رهيا، هن وقت پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي صنعتون قائم آهن، جن ۾ لوھه، کنڊ، گيهھ جا ڪارخانا ۽ سمال انڊسٽريز ۾ پڻ واڌارو آيو آهي، جڏهن ته اڃا به وڌيڪ پرڏيهي سيڙپ ۽ صنعتي موقعن جي ضرورت گهڻي آهي، ملڪ ۾ هن وقت فولاد جا ڪارخانا، ڪپڙي جون صنعتون، کاڄرو تيل، ڪيميڪل انڊسٽري، سيمينٽ، شگر ملز، چمڙي ۽ ڪپهھ جا ڪارخانا وڏي تعداد ۾ موجود آهن، پر پوءِ به عالمي سطح تي سيڙپڪاريءَ جي ضرورت پيش اچي ٿي،قدرتي وسيلا ۽ معدنيات: پاڪستان مختلف قدرتي ۽ معدني وسيلن سان مالامال آهي، جهڙوڪ ڪوئلو، سينڌو لوڻ، تيل ۽ گئس، ڪرومائيٽ، جپسم، گندرف، لوھه، سنگ مرمر، سُرمو ۽ جست وغيره، پاڪستان ۾ ڪيترائي اهڙا هنڌ آهن جتي درياهن ۽ ندين مان آبشارن ذريعي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مالاڪنڊ- درگئي منصوبو، پن بجلي رسول منصوبو، وارسڪ ڊيم منصوبو ۽ منگلا ڊيم کان سواءِ پنجاب ۾ ڪيترن هنڌن تي آبشار ٺاهي بجلي پيدا ڪئي وئي آهي، توانائيءَ جي پيداوار ۾ ڪوئلو به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ لڌا ويا آهن، جڏهن ته پنجاب جي مڪڙوال، بلوچستان جي خوست، مچ ۽ هرنائي واري علائقن ۽ سنڌ ۾ ٿر کانسواءِ جهمپير ۽ لاکڙا ۾ به ڪوئلو ملي ٿو، پنجاب ۾ 0.257 (ارب ٽن)، بلوچستان ۾ 0.196 (ارب ٽن)، خيبر پختونخواهه ۾ 0.082 (ارب ٽن) ۽ سنڌ ۾ 184.123 (ارب ٽن) ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، سنڌ ۾ لاکڙا، ضلعي دادو ۾ 1.328 (ارب ٽن)، جهرڪ ۽ جهمپير ۾ 7.112 (ارب ٽن)، ضلعي بدين ۾0.16 (ارب ٽن) ۽ ٿرپارڪر ۾ سڀ کان وڌيڪ 175.505 (ارب ٽن) ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جو ڪاٿو 175 ارب ٽن آهي، 1947ع ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي ڳولا جا فقط 5 ماهر هئا پر هن وقت انهن ماهرن جو تعداد هزارن تائين پهچي ويو آهي، 1967ع ۾ پاڪستان ۾ تيل جي پيداوار ساڍا چار لک ٽن هئي، جنهن مان ملڪ جي 12 سيڪڙو ضرورت پوري ٿيندي هئي، هن خطي ۾ تيل جو پهريون کوهه 1886ع ۾ ڪُنڊل (پنجاب) ۾ کوٽيو ويو هو ۽ 1915ع ۾ پوٺوهار ۾ تيل جو ذخيرو معلوم ٿيو. ورهاڱي کان ٿورو اڳ خيرپور ضلعي مان تيل نڪتو، قيام پاڪستان کانپوءِ تيل جي ڳولا جاري رهي، 1949ع ۾ چڪوال ۾ تيل ملڻ ۾ ڪاميابي ٿي. 1950ع ۾ برما آئل ڪمپنيءَ جي حصيداريءَ سان پاڪستان پئٽروليم لميٽيڊ قائم ڪيو ويو، هن ڪمپنيءَ 1952ع ۾ سُوئي جي ڳوٺ (بلوچستان) وٽ گئس ڳولي لڌي، هن وقت ڪيترن ئي ملڪن جون ڪمپنيون تيل جي ڳولا ۾ مصروف آهن، سنڌ جي بدين، دادو، حيدرآباد ۽ سانگهڙ وارن علائقن ۾ تيل جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا آهن، اٽڪ آئل ڪمپني، راولپنڊيءَ جو تيل صاف ڪرڻ جو ڪارخانو ڪم ڪري رهيو آهي، گذريل 50 سالن ۾ ٻيو ڪارخانو 1962ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيو. ٽيون ڪارخانو 1966ع ۾ قائم ٿيو. ٻنهي ڪارخانن جي پيداوار 41 لک ٽن سالياني آهي. هن وقت ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن تي تيل دريافت ٿيو آهي، جتي پلانٽ لڳائي تيل جي صفائي ڪري توانائي طور ڪتب آڻجي ٿو. سنڌ ۾ خيرپور کانسواءِ دادوءَ جي جوهي تعلقي (ڀت جبل)، بدين ضلعي جي گولاڙچي، ٽنڊي محمد خان لڳ ڌارو ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ جي عادلپور واري علائقن ۾ به تيل جا کوهه دريافت ٿيا آهن، مغربي پاڪستان ۾ گئس جا 7 ذخيرا دريافت ٿيا آهن، جن مان هن وقت تقريبن 82 ارب مڪعب فوٽ گئس سالياني نڪري ٿي. ان جو 47 سيڪڙو ڪيميائي ڀاڻ جي تياريءَ ۾ ڪچي مال طور استعمال ٿيندو آهي ۽ 48 سيڪڙو گئس گهرو استعمال ۾ ايندي آهي. گئس جو وڏو ذخيرو بلوچستان جي ’سوئي‘ واري علائقي ۾ آهي، جتان پاڪستان جو اڪثر حصو گئس جي سهولت ماڻي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڀِت جبل، قادرپور ۽ حيدرآباد مان به گئس لڌي وئي آهي. اندازو آهي ته پاڪستان ۾ 40 لک ٽن کان به وڌيڪ لوهه جا ذخيرا آهن، لوهه جو گهڻو ذخيرو مڪڙوال ۽ ڪالاباغ واري علائقي ۾ آهي، ان کان سواءِ هزارا جي علائقي ۾ ايبٽ آباد کان 32 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ لنگڙيال ۾ ۽ چترال ۾ به کاڻيون موجود آهن، بلوچستان ۾ خضدار، چل غازي ۽ مسلم باغ ۾ به لوھه مليو آهي. چاغي (بلوچستان) ۾ به اعليٰ قسم جو لوهه مليو آهي، معدنيات جي لحاظ کان بلوچستان شاهوڪار خطو آهي، پاڪستان مان ملندڙ لوھه معياري ناھي، ان ڪري اھو ملڪ جي صرف 16 سيڪڙو ضرورت پوري ڪري ٿو ۽ باقي ٻاھران درآمد ڪيو وڃي ٿو، پاڪستان ۾ نهايت ئي اعليٰ قسم جو لوڻ ملي ٿو، سمنڊ جي پاڻيءَ مان به لوڻ ٺاهيو وڃي ٿو، پاڪستان ۾ جابلو لوڻ جون 6 کاڻيون آهن، جن مان کيوڙا (ضلعي جهلم) جي سڀ کان وڏي کاڻ مشهور آهي، معدني پيداوار جي انهن کاڻين ۽ ذخيرن کان سواءِ ٻيون به قيمتي کاڻيون آهن. مثال طور جپسم، ڪرومائيٽ، سنگ مرمر، چُن جو پٿر، چيني مٽي ۽ شيشي ٺاهڻ لاءِ واري وغيره اھو ھڪ اڇي رنگ جو ڌاتو آهي، جيڪو فولادسازي، رنگسازي، تصويرڪشي يا ڦوٽوگرافي ۾ ڪم ايندو آهي، دنيا ۾ ڪرومائيٽ جا وڏا ذخيرا پاڪستان ۾ آھن، ان جو وڏو حصو برآمد ڪري زر مبادلو ڪمائي سگهجي ٿو. ان جا وڏا ذخيرا بلوچستان ۾ مسلم باغ، چاغي ۽ خاران ۾، خيبرپختونخوا ۾ ۽ آزاد قبائلي علائقن مان مالاڪنڊ، مھمند ايجنسي ۽ اتر وزيرستان ۾ ملن ٿا، ٽامو بجليءَ جي اوزارن ٺاھڻ ۾ ڪم ايندو آهي، بجليءَ جي تار به ٽامي مان ٺھندي آهي، بلوچستان ۾ سينڊڪ وٽ ٽامي جا وڏا ذخيرا آهن، جپسم اڇي رنگ جو چمڪيلو پٿر آهي، اھو سيمينٽ، ڪيميائي ڀاڻ، پلاسٽر آف پيرس جي صنعت ۾ استعمال ٿيندو آهي، جپسم پنجاب جي ضلعن جھلم، ميانوالي ۽ ڊيرا غازي خان ۽ خيبرپختونخوا ۾ڪوھاٽ ۽ سنڌ ۾ روھڙي، بلوچستان ۾ ڪوئيٽا، سبي ۽ لورالائي مان ملندو آهي، چن جو پٿر سيمينٽ سازيءَ ۾ استعمال ٿيندو آهي. جڏھن ان کي ساڙيو ويندو آهي ته چونو حاصل ٿيندو آهي جيڪو گھرن ۾ سفيدي لاءِ استعمال ٿيندو آهي، ان جو استعمال شيشي، صابڻ، ڪاغذ ۽ رنگ جي صنعت ۾ پڻ ٿيندو آهي، چن جي پٿر جا وڏا ذخيرا ڊنڊوت (جھلم)، زندهه پير (ڊيرا غازي خان)، حيدرآباد لڳ مغل ڪوٽ ۽ گنجي ٽڪر، منگھو پير، ڪوٽڏيجي ۽ راڻيپور ۾ آھن، پاڪستان ۾ مختلف قسمن ۽ رنگن جو سنگ مرمر چاغي، مردان، سوات، خيبر ايجنسي ۾ ملندو آھي، اڇو ڪارو سنگ مرمر اٽڪ ۾ ڪالا چٽا جي پھاڙن مان ملندو آهي.پاڪستان جي ھيءَ صنعت ڪافي پرڏيهي ناڻو ڪمائي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو