ليکڪ: ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
جڏهن 20 سال اڳ افغانستان ۾ ملا عمر جي قيادت دوران طالبان اسلامي نظام لاڳو ڪري ملڪ تي قابض ٿيا هُئا ته افغانستان مان آيل پناهگيرن پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ديرو ڄمائڻ سان گڏوگڏ حيدرآباد ڊويزن جي مختلف شهرن خاص ڪري ڪوٽڙي کي ته ڪابل ۽ قنڌار جي ڪئمپ بنائي ڇڏيو هو ۽ اڄ سوڌو اُها لوڌ اتي ڪاروباري سرگرمين سان گڏ ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائي نوڪرين ۾ به ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويٺل آهي. شروعاتي ڏينهن ۾ ته اُهي افغاني جن کي يقينن اردو ڳالهائڻ به ڪونه ايندي هئي، سالن تائين مارڪيٽ توڙي بازارن ۾ اشارا ڏئي خريداريون ڪندا هئا پر وقت جي رفتار سان هاڻ ته اُهي ٿوري گهڻي سنڌي به ڳالهائڻ سکي ويا آهن، تازو جڏهن هلندڙ مهيني جي 15 آگسٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر افغاني پناهگير پاڪستان جو رُخ ڪري رهيا آهن ته اڄ به انهن کي سنڌ ۾ ترسائڻ، رهائڻ ۽ آباد ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن. خير مون لکيو پئي ته ڪجهه وقت اڳ سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هڪ تبصرو ڇڙي پيو ۽ آخر انهي معاملي کي منظرعام تي به آندو ويو ته صوبائي اسيمبلي اندر عورتن جو سگهارو آواز نصرت سحر عباسي نقاب پائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پاڻ نقاب پائي هڪ چينل تي ڏاڍو واضح موقف رکيو ته آئون هاڻ اسلامي طريقي سان زندگي گذارڻ چاهيان ٿي. تنهن ڪري هي نقاب پاتو آهي. آئون سندس عمل کي ساراهيندي چوان ٿو ته اهو درست عمل آهي، نصرت سحر عباسي جيڪي مثال ڏنا ۽ پنهنجو موقف رکيو ان جي حمايت ڪندي آئون اهو چوندس ته تازو سعودي عرب پڻ عورتن کي پردي اندر ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي پر ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان پنجاب جي واقعن کانپوءِ جيڪي 2 ڳالهيون ڪيون اهي اهم آهن، هڪڙي موبائل فون جو عام جام ۽ غلط استعمال ۽ ٻي والدين جي تربيت نه هجڻ، اهي ٻئي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي درست آهن، نصرت سحر عباسي مٿان اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها ٻين عورتن کي به هدايت ڪري ۽ آئون کيس اهو چوندس ته پهريان منهنجي گهرواري، نياڻين ۽ ڀينرن کي تاڪيد ڪري،موبائل فون واري ڳالهه اها آهي ته هڪ گهر ۾ جيڪڏهن 10 ڀاتي آهن ته سمورن وٽ موبائل فون آهي ۽ حقيقت اها آهي ته موبائل فون ۽ انٽرنيٽ اسان جي معاشري ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، يونيورسٽيون ۽ ڪاليجن ۾ ته حالت اڃا به خراب آهي، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وٽ لکين لکين رپين جون 3-3 موبائلون گڏ آهن، ڇا والدين کي پنهنجن ٻارن کي ايتري آزادي ڏيڻ گهرجي؟ ڇو ته ان عمل جا نقصان به ٿي رهيا آهن، خاص ڪري پيار پرڻا موبائلن جي عام استعمال کانپوءِ وڌيا آهن، اسلام ۾ حڪم آهي ته اوهان جي نياڻي بالغ ٿئي ٿي فورن شادي جو بندوبست ڪيو پر اسان وٽ والدين 30 سالن کان مٿي تائين جون نياڻيون به گهر ۾ ويهاري ويٺا آهن، اسلام ۾ اهو به چيل آهي ته جيڪڏهن بالغ نياڻي جي شادي نه ٿي ڪرائي وڃي ته ان گهر ۾ الله جي رحمت ۽ روزي ۾ برڪت نٿي اچي، آئون موبائل فون استعمال نه ڪرڻ جو هرگز حامي ڪو نه آهيان، اها وقت جي ضرورت آهي ۽ ان کي بهتري لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، خاص ڪري تعليمي مقصدن لاءِ ته ضرور ٿيڻ گهرجي پر آئون آزاداڻي نموني سان ان جي استعمال جي ضرور مخالفت ڪندس. اڄڪلهه جي دور ۾ اسان سڀني والدين کي پنهنجي اولاد جي اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻي ۽ ان جي چوڦير سندس چوياريءَ تي نظر رکڻ گهرجي ۽ اولاد پٽ هجي يا نياڻي انهن کي آزادي ضرور ڏيڻ گهرجي، ڇڙواڳي جي اجازت نه هجي،والدين کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته اولاد هر ڪنهن کي مٺو آهي پر انهن کي ايتري ڇوٽ نه ڏني وڃي جو خدا نخواستا ڪي اهڙا واقعا ٿين جن کانپوءِ اسان کي هٿ ملڻا پئجي وڃن.نياڻين جي به همٿ افزائي ڪري انهن کي تعليم ڏيارڻ گهرجي، ڇو ته نياڻيون به ان معاشري کي بهتر بنائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿيون.