ايڊيٽوريل
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ 2 ڪروڙ ٻارن جو اسڪول نه وڃڻ وڏو الميو آهي، ملڪ جو سڀ کان وڏو سرمايو ان جو عوام هوندو آهي، جڏهن ان کي تعليم نه ڏني ويندي ته نه صرف اهو سرمايو ضايع ٿيندو پر اهو ظلم ۽ ناانصافي به آهي ته کين مٿي اچڻ جو موقعو نه پيو ڏنو وڃي، احساس تعليمي وظيفي پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته ان پروگرام آڻڻ جا 2 اهم رخ آهن، پهريون اهو ته اسڪول نه ويندڙ 2 ڪروڙ ٻارن کي بنيادي تعليم ڏني وڃي،هي پروگرام مسئلي جو حل به ڏئي ٿو، جنهن تحت ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ صفا غريب گهراڻن کي معاوضو ۽ مراعتون به ڏنيون وينديون، وزيراعظم اهو به اعتراف ڪيو ته اسڪول نه ويندڙ ٻارن مان وڏو انگ ڇوڪرين جو آهي، اسان خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم کي گهڻي اهميت ناهي ڏني، هڪ تعليمي يافتا عورت هڪ مرد کان وڌيڪ معاشري کي فائدو پهچائي ٿي، ڇو ته هوءَ ٻارن کي تعليم ڏئي ٿي، گهر جو نظام تبديل ڪري ڇڏي ٿي ۽ ٻارن جي صحت ۽ بهتر سار سنڀال جو معاشري تي اثر پوي ٿو، احساس پروگرام ۾ ان ڪري ڇوڪرين کي وڌيڪ مراعت ڏئي وظيفو 2 هزار رپيا رکيو آهي، مغربي ملڪن ۾ اهو تاثر آهي ته اسان پنهنجي نياڻين کي پڙهائڻ نٿا چاهيون، ڇوڪرين جي تعليم ۾ مختلف مسئلا آهن، ڪٿي اسڪول پري آهن، ڪٿي استاد ناهن هوندا، حڪومت جي ذميواري هئي ته سهولتون ڏنيون وڃن ها، جيڪي ناهن ڏنيون ويون. هي اهڙو ڪڙو سچ آهي جيڪو وزيراعظم جي زبان مان نڪتو آهي ته هن ملڪ جا 2 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن اهي ته سرڪاري انگ اکر آهن، پر حقيقي طور تي جيڪڏهن سروي ڪئي وڃي ته اهو انگ ٻيڻو به ٿي سگهي ٿو، ڇو ته بدقسمتيءَ سان سڄي ملڪ اندر سرڪاري ادارن ۾ تعليم جو حال خراب آهي، خاص ڪري سنڌ اندر ته سرڪاري اسڪولن جي حالت اڃا به وڌيڪ بري آهي، جتي هڪ ته عمارتون زبون آهن ۽ سهولتن جي سخت کوٽ آهي، هزارين اهڙا اسڪول آهن، جيڪي رڳو استاد مقرر نه ٿيڻ سبب بند آهن، جڏهن ته هزارين اهڙا اسڪول به آهن، جن ۾ هڪ جي جاءِ تي 5-5 استاد مقرر آهن، ان باوجود پڙهائي نه آهي، اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڳوٺن جي اسڪولن ۾ مقامي يعني ان ئي ڳوٺ جا استاد مقرر ٿيل آهن، جيڪي ٻارن کي صحيح تعليم نٿا ڏين ۽ ڳوٺاڻا ان تي ڪو ردعمل ڏيکارين ٿا ته ڳوٺ اندر جهيڙا به ٿين ٿا، جڏهن ته اسان وٽ هزارين اسڪول اوطاقن، مال جي واڙن ۽ گهرن ۾ تبديل ٿيل آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رڳو سچ نه ڳالهايو وڃي پر قوم جي تقدير تبديل ڪرڻ جي لاءِ اهڙيون حقيقي تدبيرون به ڪيون وڃن، جنهن سان حالتون تبديل ٿيندي نظر اچن، وظيفن جو عمل به بهتر آهي، پر ڏٺو وڃي ته هن ملڪ جي عوام کي هر حڪومت مختلف وظيفن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اهي وري اهڙي طريقي سان عوام کي ڏنا وڃن ٿا، جن سان نه رڳو وٺندڙن پر ٻين ماڻهن جي عزت نفس به مجروح ٿئي ٿي، ان ڪري قوم کي وظيفي واري قوم بڻجڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته جيڪي پئسا وظيفن تي خرچ ڪيا وڃن ٿا، انهن مان ڪارخانا لڳائي صنعتون کولي عوام کي انهن ۾ نه رڳو روزگار ڏنو پر فني ۽ هنري تعليم ڏئي انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ سيکاريو وڃي، ڇو ته هڪ دفعو پنهنجي پيرن تي بيٺل ماڻهو ڪڏهن به هٿ ٽنگڻ لاءِ تيار نه ٿيندو، اسان سمجهون ٿا ته تعليم هر ٻار جو بنيادي ۽ آئيني حق آهي، ان ڪري اهڙن ٻارڙن کي جيڪي اسڪولن کان ٻاهر آهن اسڪولن اندر آڻڻ لاءِ هر ممڪن اپاءَ ورتا وڃن.