108

ڪوشش آهي ته ڪورونا ويڪسين پاڪستان ۾ ئي ٺاهيون ته جيئن معيشت تي وڌيڪ بار نه پوي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته افغانستان ۾ امن پاڪستان ۽ سي پيڪ لاءِ سٺو ثابت ٿيندو، جنهن سان وچ ايشيا تائين رسائي حاصل ٿيندي، اسان جي ڪوشش آهي ته ڪورونا ويڪسين پاڪستان ۾ ئي ٺاهيون ته جيئن پاڪستاني معيشت تي وڌيڪ بار نه پوي اهڙو اظهار خميس ڏينهن هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اسد عمر چيو ته افغانستان سميت سي پيڪ ۾ شراڪتداري ۽ سيڙپڪاريءَ جي خواهشمند سمورن ملڪن کي پاڪستان ۽ چين طرفان آجيان ڪئي ويندي. سي پيڪ جي معاملي تي وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ امن ٿو ٿئي ته اها سڄي پٽي روزگار لاءِ کُلي ويندي ۽ اتان پاڪستان ۾ سي پيڪ جي بيس طور افغانستان ذريعي وچ ايشيا تائين واپار وڌي سگهندو. اين سي او سي جي باري ۾ هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا تي ڪنٽرول لاءِ رياست جا سمورا ٿنڀ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. اين سي او سي سول ۽ ملٽري اختياريون ته شامل هيون پر هاڻي عدالتي معاونت به شامل ٿي آهي، ڳورهارين عورتن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي بابت وفاقي وزير ٻُڌايو ته شروع ۾ گائيڊ لائنز هيون ته ويڪسين نه لڳائي وڃي پر هاڻي اهي گائيڊ لائنز تبديل ٿي ويون آهن. هن چيو ته حامله عورتن ۽ ٻين ماڻهن ۾ ويڪسين جا خراب اثر هڪجهڙا آهن، جڏهن ته هڪ اولهه ملڪ جي ريسرچ جو حوالو ڏيندي چيو ته ڳورهاري عورتن لاءِ ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ وڌيڪ ضروري آهي. اسد عمر وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي اصول آهي ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي ۽ احتساب جي عمل کي مُنهن ڏيڻو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو