131

اياز لطيف پليجو پاران سردار عطاالله مينگل جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سردار عطاالله مينگل جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ افسوس جو اظهار ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته سردار عطاالله مينگل جي وارثن ۽ بلوچ عوام سان تعزيت ڪريون ٿا. عطاالله مينگل سڄي زندگي مظلوم عوام جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي ۽ عوام توڙي سياست لاءِ ڪيل سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو