127

قومي حڪومت ن ليگ جو خواب آهي پرمفاهمت تيار آهيون : وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت  چيو آهي ته  قومي حڪومت ن ليگ جو خواب آهي پرمفاهمت تيار آهيون، مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ دروازا هميشه کليل آهن. ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪوبه آمريڪي فوجي پاڪستان ۾ نه آهي ۽ جيڪي به آيا هئا اهي واپس هليا ويا. اسان جي ادارن جو افغانستان ۾ ڪوبه عمل دخل نه آهي. هن چيو ته قومي مفاهمت ۽ قومي حڪومت ۾ فرق آهي. قومي مفاهمت جي لاءِ اسان تيار آهيون ۽ حڪومت جا دروازي مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ هميشه کليل آهن. هي وقت ملڪ کي اڳيان کڻي وڃڻ جو آهي. وڳوڙ پکيڙڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. شيخ رشيد احمد چيو ته قومي حڪومت مسلم ليگ(ن) جو خواب آهي. مسلم ليگ (ن) ۽ اپوزيشن جي اڳواڻن جي بيانن جو نه پير آهي نه مُنهن، مسلم ليگ(ن) جو صدر چوي ٿو ته قومي حڪومت ٺاهڻي آهي پر نائب صدر مريم صفدر چوي ٿي ته ڳالهيونن ڪنداسين، ڪرڻيون پر هڪ وقت اهڙو ايندو جو مخالف ڌر کي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته مخالف ڌر لانگ مارچ ڪرڻ چاهي ٿي ته شوق سان ڪري پر هي وقت لانگ مارچ جو نه آهي. گهرو وزير چيو ته خطي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار سامهون اچي رهيو آهي. اسان امن چاهيون ٿا ۽ افغانستان جي حالتن کان پوءِ وزيراعظم گهرو وزارت کي نيون ذميواريون ڏنيون آهن. ڪوبه آمريڪي فوجي پاڪستان ۾ نه آهي، ڪير به اسپانسر ملڪ ذريعي افغانستان مان اچڻ چاهي ٿو ته ان کي 21 ڏينهن جو ويزا ڏنو ويندو پر کين پنهنجي خرچ تي هوٽل ۾ رهڻو پوندو. اسان افغانستان مان پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ سهولت فراهم ڪئي آهي. جاپان جي اسپانسر 600 ماڻهن کي به اجازت ڏني آهي، افغان انڊر 19 ٽيم ۽ جرمن جي اسپانسر کي به اجازت ڏني آهي. هن چيو ته جلد نيشنل ڪرائسز سيل ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون ۽ وزيراعظم جي هدايتن کان پوءِ هاڻ اسلام آباد جي هڪ ڪنڊ به ڪيمرا کان سواءِ نه هوندي. سي ڊي جي نقشن ۾ بدديانتي ڪئي وئي جنهن سبب نالن جي مٿان قبضا ٿي ويا آهن. گهرو وزير چيو ته اسلام آباد جي لاءِ هڪ هزار 200 ڪيمرائن جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ هاڻ اسلام آباد پوليس مٿان وڏي ذميواري اچڻ واري آهي. شيخ رشيد احمد سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي تي  ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سيڪيورٽي خدشن سبب  چمن بارڊر کي ڪجهه وقت جي لاءِ بند ڪري سگهون ٿا. ڏوهه معاشي سببن جي ڪري به وڌندا آهن. ٻي پاسي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڇهين ٿنڪ ٽينڪ فورم کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان افغان امن عمل ۾ پنهنجي سهولتڪاريءَ جو ڪردار جاري رکندو، جڏهن ته اسان جي ڪردار کي ضامن طور تي غلط انداز ۾ نه سمجهيو وڃي، اسان طالبان جي اعلانن کي حوصلو ڏيندڙ سمجهون ٿا، اجتماعي نظام طالبان لاءِ اهم آهي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن عالمي اتحاد فوجي طريقي سان افغانستان ۾ امن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو منهنجي سمجهه آهر زميني حقيقت تي ٻَڌل فيصلو نه هو. فوجي حل پراسرار نتيجي ۾ سياسي عمل جي راهه ۾ رڪاوٽون وِجهندو آهي. دوحه امن معاهدو افغانستان جي سربراهن لاءِ هڪ نئين اُميد آندي، جڏهن ته بدقسمتيءَ سان بين الافغان ڳالهين ۾ انتهائي گهٽ اڳڀرائي ٿي، غير يقيني جي صورتحال ۾ وڌيڪ پيچيدگي 31 آگسٽ 2021ع جي پرڏيهي فوج جي واپسيءَ جي اوچتي آمريڪي اعلان تي پيدا ٿي. هن چيو ته افغان سيڪيورٽي فورسز طرفان مزاحمت نه ٿيڻ ۽ ڪابل تي طالبان جي تيزيءَ سان ڪنٽرول عالمي برادريءَ کي حيران ڪري ڇڏيو، ظاهري طور گهرو ويڙهه جنگ جو امڪان ٽري ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته طالبان جي ٽيڪ اوور بعد طالبان طرفان عام معافي، عورتن جي حقن جي تحفظ، اظهار جي راءِ جي آزادي، روزگار ۽ تعليم جي فراهمي ۽ اجتماعي سياسي نظام لاءِ ڪشادگي جا اعلان ڪيا ويا آهن. طالبان مستقبل جي سياسي نظام بابت افغان اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان واحد ملڪ هو جنهن هميشه اهو چيو هو ته افغان تڪرار جو ڪوبه فوجي حل نه آهي. پرڏيهي وزير چيو ته موجوده حالتن ۾ اسان افغانستان ۾ گڏيل نظام جي حمايت جاري رکنداسين، ڇاڪاڻ ته اهوئي اڳيان وڌڻ جو واحد بهتر رستو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو