113

پارڪن ۾ عورتن بدران سنگل ماڻهن تي پابندي لڳائي وڃي: شيرين مزاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري پارڪن ۾ عورتن جي انٽري جو وقت مقرر ڪرڻ تي پنجاب حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پارڪن ۾ عورتن بدران سنگل ماڻهن تي پابندي لڳائي وڃي، اسلام آباد ۾ سينيٽ جي انساني حقن واري ڪاميٽي جو اجلاس سينيٽر وليد اقبال جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ 14 آگسٽ تي مينار پاڪستان وٽ پيش آيل لاقعي جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته مينار پاڪستان جو واقعو 14 آگسٽ تي پيش آيو، جنهن جو وفاقي وزير شيرين مزاري نوٽيس ورتو ۽ ڪيس داخل ڪرڻ کي يقيني بڻايو، جنهن بعد واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، رپورٽ ۾ چيو ويو ته گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ پريڊ ڪرائي وئي جنهن ۾ عائشه اڪرم پاڻ نه آئي، 6 جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي جيڪي گرفتار ٿيل آهن، ان موقعي تي وفاقي وزير شيرين مزاري پنجاب جي پارڪن ۾ عورتن جي انٽري جو وقت مقرر ڪرڻ تي پنجاب حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پارڪن ۾ عورتن بدران سنگل ماڻهن تي پابندي لڳائي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو