اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز ادا، صدر، سينيٽ چيئرمين ٻيا شريڪ، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ هائوس اسلام آباد جي لان ۾ حريت رهنما علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ صدر عارف علوي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، آزاد ڪشمير جو صدر بئريسٽر سلطان ۽ وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي به شريڪ ٿيا، غائبانه جنازي نماز م ڊاڪٽر شهزاد وسيم، شهريار آفريدي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪري مرحوم جي بخشش ۽ ڪشميرين جي آزادي لاءِ دعا ڪئي، ان موقعي تي صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان اقوام متحده جي قراردار تي ڀروسو ڪيو، نه ته ڪڏهن جو ڪشمير آزاد ڪرائي چڪا هجو ها، هن چيوته سيد علي گيلاني جي وفات تي هر شخص ڏکارو آهي، ڀارت اقليتن سان جيڪو ڪري رهيو آهي پاڻ کي باهه لڳائي رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جو نظام نه هلندو.
