114

پاڪستان چمن بارڊر کي اچ وڃ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، چمن ڪراسنگ جي بندش عارضي آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سيڪيورٽي جي خدشن سبب افغانستان سان لڳو لڳل چمن بارڊر کي اچ وڃ لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب سيڪيورٽي جي خدشن سبب چمن بارڊر کي بند ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف وفاقي وزير داخلا شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته چمن ڪراسنگ جي بندش عارضي آهي، ياد رهي ته افغان طالبان ڪابل جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد چمن ڪراسنگ کي اچ وڃ لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو، پاڪستاني عملدارن سان ڳالهين بعد ٻيهر کوليو ويو هو،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو