بازارڪ (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اڳوڻي ڪمانڊر احمد شاهه مسعود جي پٽ احمد مسعود طالبان سان ويڙهه لاءِ ٻيهر مدد جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. سي اين اين کي ڏنل انٽرويو ۾ احمد مسعود چيو ته اسان کي طالبان سان ڊگهي وقت تائين مزاحمت ڪرڻ لاءِ مدد گهرجي. هن چيو ته طالبان کي افغانستان جي سموري نسلي گروهن تي ٻڌل گڏيل حڪومت جي صورت ۾ ئي قبول ڪنداسين. بدقسمتي سان طالبان مٽيا نه آهن، اسان سياسي طاقت ذريعي اڪثريت ۾ وڌيڪ آهيون، اسهپ ۽ دٻاءَ خلاف مزاحمت ڪري رهيا آهيون، گهڻ ثقافتي رياست تي طالبان کي اڪيلي سر حڪومت جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، جيڪڏهن طالبان ايئن ڪندا ته اسان مزاحمت ڪنداسين. هن چيو ته طالبان حڪومت جي ڪمزوري جي ڪري ملڪ تي قبضو ڪيو، اڳوڻي افغان صدر اشرف غني طالبان سان وڙهڻ واري فوج ئي ختم ڪري ڇڏي، فوجي معاملن ۾ اشرف غني ۽ حمد الله محب مداخلت فوج کي ڪمزور ڪيو، اهي ٻئي فوجي تربيت ۽ تجربو نه هجڻ جي باوجود جنگ بابت حتمي فيصلا ڪندا هئا.
