ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ سي پيڪ سيڪيورٽي فورس ۾ ڪانٽريڪٽ بنيادن تي مقرر ٿيل رٽائرڊ فوجي اهلڪارن جي برطرفي واري نوٽيفڪيشن کي معطل ڪندي سمورن ڪانٽريڪٽي ملازمن کي ساڳئي ڪانٽريڪٽ تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه سنڌ پوليس جي سي پيڪ سيڪيورٽي فورس مان برطرف ڪيل اهلڪار تنوير احمد ۽ ٻين پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو، عدالت چيو ته ڄاڻايل فيصلو ريگيولر ملازمن تي لاڳو نه ٿيندو، عدالت سنڌ حڪومت کي سي پيڪ سيڪيورٽي فورس ۾ ڪانٽريڪٽ بنيادن تي مقرر ٿيل سمورن ملازمن جي اهليت جو جائزو وٺڻ ۽ کين صفائي جو موقعو فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻن مهينن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل اهلڪارن کي سي پيڪ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن توڙي پرڏيهين جي حفاظت لاءِ ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيو ويو پر کين برطرف ڪرڻ کان اڳ صفائي جو موقعو به پيش نه ڪيو ويو، سي پيڪ سيڪيورٽي فورس مان برطرف ڪيل اهلڪارن پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ سرڪار هاءِ ڪورٽ جي هڪ فيصلي کي بنياد بڻائي کين برطرف ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته درخواستگذار ان دائري ۾ نه ٿا اچن ڇاڪاڻ ته درخواستگذارن کي ڪانٽريڪٽ بنيادن تي پراجيڪٽ ۾ مقرر ڪيو ويو جيڪي ريگيولر جايون نه هيون، جڏهن ته عدالت 2020ع واري فيصلي ۾ ريگيولر نوعيت جي جاين تي ڪانٽريڪٽي ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ کان روڪيو آهي جنهن ڪري گذارش آهي ته سي پيڪ سيڪيورٽي فورس ۾ ڪانٽريڪٽ بنيادن تي ڀرتي ڪيل ملازمن جي برطرفي کي قانون جي خلاف قرار ڏنو وڃي.
119