106

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 89 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 4103 ڪيس ظاهر، سنڌ ۾ 8 مريض فوت

 اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 89 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 4103 ڪيس ظاهر، سنڌ ۾ 8 مريض فوت ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 89 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 4103 ڪيس ظاهر ٿيا، سنڌ ۾ 8 مريض فوت ٿي ويا، اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب  گذريل 24 ڪلاڪن دوران 61 هزار 651 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 4103 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته عالمي وبا سبب 89 ڄڻا فوت ٿي ويا، 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.65 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جاري ڪيل بيان موجب سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 8 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن، 15410 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان  1195 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 15410 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 1195 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 7.8 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5576130 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 434651 ڪيس ظاهر ٿيا انهن مان 87.5 سيڪڙو يعني 380369 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 4439 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 47545 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 46591 گهرن ۾، 41 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 913 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 811 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 69 مريضن کي وينٽيليٽرن تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1195 نون ڪيسن مان ڪراچي جا 595 آهن جن ۾ ضلع اوڀر 214، ضلع سينٽرل 132، ڏکڻ 130، ملير 55، اولهه 35 ۽ ڪورنگي مان 29 آهن. حيدرآباد ۾ 110، بدين 47، خيرپور 34، ٺٽو 38، ٿرپارڪر 32، نوشهروفيروز 26، شهيد بينظير آباد ۽ شڪارپور 25-25، مٽياري 23، سانگهڙ ۽ گهوٽڪي 21-21، ٽنڊو محمد خان ۽ عمرڪوٽ 20-20، دادو ۽ ٽنڊوالهيار 18-18، قمبر 13، جيڪب آباد 12، ڪشمور ۽ سکر 6، ميرپورخاص 4، ڄامشورو 3 ۽ لاڙڪاڻو 2 ڪيس آهن. مراد علي شاهه عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو