ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت جو اعلان اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي، طالبان ڪنهن به ملڪ خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ ڪشميرين سميت ڪنهن به ملڪ جي مظلوم مسلمانن لاءِ آواز اٿارڻ جي پاليسي تيار ڪري ورتي آهي. ٻڌايو ويو آهي ته قندهار ۾ موجود طالبان جي امير هِبت الله اخندزاده اهم اڳواڻن سان حڪومت ٺاهڻ بابت مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ اڄ جمع نماز کان پوءِ ان جو اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي، ڪابينا بابت پڻ مشاورت ٿي وئي آهي، طالبان جي دوحه آفيس جي سربراهه شير محمد عباس استانڪزئي کي پرڏيهي وزير نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اڃان ملڪ جي نظام ۽ قومي جهنڊي بابت ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي.ان سلسلي ۾ طالبان جي ثقافتي ڪميشن جي ميمبر انعام الله سمنگاني چيو آهي ته نئين حڪومت جو سربراهه امير هِبت الله اخندزاده ٿيندو، ڪابينا بابت پڻ مشاورت ٿي وئي آهي، نئين اسلامي حڪومت ماڻهن لاءِ هڪ مثالي ثابت ٿيندي. طالبان جي هڪ ٻي اڳواڻ عبدالحنان حقاني چي و آهي ته هر صوبي ۾ امارت اسلامي قائم ٿي چڪي آهي، اتي گورنر ۽ پوليس سربراهه پڻ مقرر ٿي چڪا آهن جيڪي پنهنجون ذميواريون پڻ نڀائي رهيا آهن. هوڏانهن طالبان جا دوحه آفيس واري ترجمان سهيل شاهين هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته مسلمان هئڻ جي ڪري ڪشمير توڙي ڀارت سميت ڪنهن به ملڪ جي مسلمانن جي لاءِ آواز اٿارڻ طالبان جو حق آهي پر ڪنهن به ملڪ جي خلاف ويڙهه جي پاليسي نه آهي. هن چيو ته 1999 ۾ ڀارت جو جهاز اغوا ڪرڻ ۾ طالبان جو ڪو به ڪردار نه هو، ان بابت الزام غلط آهن، اسان ته ان جهاز جي مسافرن جي آزاديءَ ۾ مدد ڪئي جنهن لاءِ ڀارت کي اسان جو ٿورو مڃڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته حقانين بابت رڳو پروپيگنڊا ئي ٿي رهي آهي، ڪنهن به حقاني گروپ جو ڪو وجود ئي نه آهي پر حقاني رڳو افغناستان جي اسلامي امارت جو ئي حصو آهن.
