104

ڀارتي فوج جو علي گيلانيءَ جي لاش تي به قبضو، پنهنجي مرضي سان دفنائي ڇڏيو، ڪشمير ۾ ڪرفيو

سرينگر ( ويب ڊيسڪ)  ڀارتي فوج پوري والاريل ڪشمير  ۾ ڪرفيو هڻي آزاديءَ جي تحريڪ جي اڳواڻ سيد علي گيلانيءَ جي لاش تي به قبضو ڪري  ان کي رات وڃ ۾ زوري پنهنجي مرضي سان دفنائي ڇڏيو، ڪشمير ميڊيا مطابق سيد علي گيلاني جو مڙهه پاڪستاني جهنڊي ۾ ويڙهيو ويو.  سندس ڪٽنب آخري رسمن جون تياريون ڪري رهيا هئا ته ڀارتي فورسز جي وڏي نفري سرينگر ۾ ان جي رهائش تي ڪاهه ڪري سيد علي گيلاني جي ميت زبردستي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي. ڪٽنب جڏهن پوليس کي شهيدن جي عيدگاهه واري قبرستان ۾ تدفين جي باري ۾ ان جي آخري خواهش بابت ٻُڌايو ته کين چيو ويو ته سندس مرضيءَ مطابق تدفين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ان دوران مزاحمت تي پوليس سيد علي گيلاني جي پٽ ۽ ننهن تي تشدد ڪيو. ڊاڪٽر نعيم گيلاني ۽ ان جي گهر واري پوليس کي سيد علي گيلاني جي ميت پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ کان روڪيو ته پوليس انهن کي مارڪٽ ڪئي جنهن سبب هو زخمي ٿي پيا. جنهن کان پوءِ سيد علي گيلاني جي ميت کي حيدر پوره سرينگر جي قبرستان ۾ رات 4 وڳي زوري تدفين ڪرائي ڇڏي. ڀارتي فوج پوري ڪشمير ۾ ڪرفيو هڻي ڪشميرين کين پنهنجي اڳواڻ جي جنازه نماز ۾ شريڪ ٿيڻ نه ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو