بازارڪ (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اهم صوبي پنجشير تي قبضي لاءِ شروع ٿيل ويڙهه جاري آهي، جنهن دوران طالبان وڌيڪ 11 پوسٽن تي قبضو ڪري ورتو آهي، طالبان سان ويڙهه ۾ احمد مسعود جي مليشيا جي 2 ڪمانڊرن سميت 34 ويڙهاڪ مارجي ويا آهن جڏهن ته ان کان اڳ طالبان جو پڻ وڏو جاني نقصان ٿي چڪو آهي. طالبان پنجشير تي قبضي لاءِ احمد مسعود سان ڳالهيون ڪيون پر اهي ناڪام ٿي ويون. ڳالهين جي ناڪامي کان پوءِ ويڙهه شروع ڪئي وئي، حملن ۾ اڳرائي احمد مسعود جي ويڙهاڪن ڪئي. ان بابت ٻڌايو ويو آهي ته طالبان سان ڳالهين ۾ قومي مزاحمتي فرنٽ اهڙا شرط رکيا جيڪي طالبان قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو . انهن شرطن هيٺ احمد مسعود مزاحمتي فرنٽ طالبان کان حڪومت ۾ 30 سيڪڙو حصو گهريو ۽ پنجشير ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو به شرط رکيو هو. ڳالهين ۾ افغان فوج وارا هٿيار جيڪي هن وقت قومي مزاحمتي فرنٽ جي قبضي ۾ آهن سي واپس نه وٺڻ، صوبي جا سمورا اختيار ڏيڻ ۽ نگراني نه رڻ جو به شرط رکيو ويو . ٻي پاسي طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته پنجشير ۾ ڳالهين جي ناڪامي کان پوءِ آپريشن شروع ڪيوسين، ڳالهين جي ڪوششن دوران احمد مسعود جي مليشيا ٻه ڀيرا حملا ڪري غلط پيغام ڏنو. هاڻي مزاحمت کي چيڀاٽڻ اڻ ٽر ٿي ويو آهيۡ.
