124

ڪوٽڙي ۾ ٻارڙو حادثي ۾ فوت، ايمبولينس نه ملي، والد مڙهه موٽر سائيڪل تي کڻائي ويو

ڪوٽڙي (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڙي جي خانزاد الوني واري علائقي ۾ ھڪ تيز رفتار رڪشا جو نينگر کي ٽڪر ھنيو، جنھن جي نتيجي ۾ 7 سالا نينگر ساگر پنھور فوت ٿي پيو جڏھن ته رڪشا ڊرائيور شاھد پٺاڻ زخمي ٿي يپو فوتي ۽ زخمي کي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي رڪشا ڊرائيور کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي ٻي پاسي فوتي نينگر جي وارثن لاش کي گھر نيڻ لاءِ اسپتال انتظاميا کان ايمبولينس طلب پر اسپتال انتظاميا کين ايمبولنس نه ڏني جنھن فوتي نينگر جي وارثن لاش کي اسپتال اڳيان رکي اتظاميا خلاف احتجاج ڪندي سخت نعاري بازي ڪئي جنھن بعد فوتي جي وارثن نينگري کي لاش موٽرسائيڪل تي رکي گھر کڻائي ويا نينگر جي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو