ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀنڊار ۽ ڏنگي سميت سامونڊي ٻيٽن جي زمين صوبي جي ملڪيت هجڻ بابت واضح بيان نه ڏيڻ تي ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري بدر جميل منڌرو مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي واضح بيان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي تمر جي ٻيلن کي ”پروٽيڪٽيڊ فاريسٽ ايريا“ قرار ڏيڻ جو پڻ حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪئي آهي، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڀنڊار ۽ سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي سرڪار جي والار کي غير قانوني قرار ڏيڻ ۽ سامونڊي ٻيٽن تي تمر جي ٻيلن کي ”پروٽيڪٽيڊ ايريا“ قرار ڏيڻ بابت سول سوسائيٽي جي اڳواڻ شبر احمد پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو، ڪالهه عدالت ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته ان موقعي تي ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري بدر جميل منڌرو پاران ٻيٽن تي تمر جي ٻيلن جي تحفظ بابت جواب داخل ڪرايو، جنهن جو جائزو وٺندي عدالت کائنس پڇيو ته سامونڊي ٻيٽ ڪنهن جي ملڪيت آهن؟، عدالت چيو ته توهان گول مول جواب جمع ڪرايو آهي، واضح ٻڌايو وڃي ته ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن جي زمين ڪنهن جي ملڪيت آهن؟، جنهن تي ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري چيو ته ڄاڻايل ٻنهي ٻيٽن جي زمين پورٽ قاسم کي ڏني هئي پر زمين صوبي جي ملڪيت آهي ۽ صوبي وٽ ئي هجڻ گهرجي ها، جنهن تي عدالت ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ڪهڙو بيان ڏئي رهيا آهيو؟، زمين ڪنهن جي هجڻ گهرجي وارو بيان نه پر واضح طور ٻڌايو ته ٻيٽن واري زمين صوبي جي ملڪيت آهي يا ناهي؟، جيڪڏهن پورٽ قاسم کي زمين ڏني آهي ته ان جي به ڪا حد ته مقرر ڪئي هوندي؟، عدالت ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان صوبي جي زمين کي پنهنجو ڇو نه ٿا سمجهو؟. توهان جي ذاتي ملڪيت هجي ها ته ان کي پنهنجو سمجهو ها پر سنڌ جي ملڪيت آهي ته ان کي پنهنجو نه ٿا سمجهو؟، عدالت چيو ته ڇا سامونڊي ٻيٽن جي زمين ڪنهن بلڊر کي ڏيڻي آهي ۽ مال ٺاهڻو آهي؟. عدالت چيو ته واضح جواب نه ڏيندڙ آفيسرن کي سيڪريٽري جي عهدي تي رهڻ جو ڪو حق ناهي، عدالت چيو ته ٻيٽن واري زمين جي ملڪيت بابت اسان چيف سيڪريٽري کي به گهرائينداسين پر ٻيلي کاتي جو سيڪريٽري لکت ۾ ٻڌائي ته سامونڊي ٻيٽن واري زمين ڪنهن جي ملڪيت آهي؟، ڪالهه عدالت ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته درخواست گذار جي وڪيل گذارش ڪئي ته سامونڊي ٻيٽن ۾ تمر جي ٻيلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ بابت سنڌ حڪومت پاران ڪو به جواب داخل نه ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته وفاقي سرڪار جو چوڻ آهي ته سامونڊي ٻيٽن بابت جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس ختم ٿي چڪو آهي، جنهنڪري هاڻي تمر جي ٻيلن کي تحفظ مهيا ڪرڻ جي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي پر صوبائي حڪومت ان بابت اڃا تائين ڪا پاليسي عدالت ۾ پيش نه ڪئي آهي، جنهن تي سرڪاري وڪيل درخواست تي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي ته عدالت چيو ته تمر جي ٻيلن جو ماحوليات سان تعلق آهي، جنهن ڪري تمر جي ٻيلن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، عدالت چيو ته تمر جي ٻيلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ٻيلي کاتي مان ڪنهن کي گهرايو وڃي؟، جيڪو ٻڌائي سگهي ته مينگروز جي ٻيلن جي تحفظ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن، جنهن بعد عدالت سنڌ حڪومت کي سامونڊي ٻيٽن ۾ تمر جي ٻيلن کي تحفظ مهيا ڪرڻ بابت ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، درخواستگذار پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت تمر جي ٻيلن سميت ٻين سامونڊي علائقن کي پروٽيڪٽڊ علائقا قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن کي پروٽيڪٽڊ ايريا قرار نه ڏنو ويو آهي، جنهنڪري ٻڌايو وڃي ته انهن ٻنهي ٻيٽن کي پروٽيڪٽڊ علائقو ڇو قرار نه ڏنو ويو آهي جيڪڏهن تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا ته سمنڊ اڳتي وڌڻ جو خطرو آهي.
