فائرنگ 115

ڏهرڪي ويجهو پلاٽ جي مالڪي تان ڀٽا ۽ نيازي برادري ۾ تڪرار ٻيھر تيز، گوليوڻ لڳڻ سبب ڀٽو برادري جو نوجوان قتل

ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ويجهو پلاٽ جي مالڪي تان ڀٽا ۽ نيازي برادري جي ٻن ڌرين ۾  هلندڙ تڪرار هڪ دفعو ڀڙڪي پيو، گوليوڻ لڳڻ سبب ڀٽو برادري جو نوجوان قتل ٿي ويو آهي. خبر موجب ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ جنگهل ملڪ ۾ پلاٽ  جي مالڪي تان ڀٽا ۽ نيازي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر تيز ٿي ويو آهي، جهيڙو دوران ڳوليوڻ لڳڻ سبب ڀٽا برادري جو نوجوان محمد پناھ ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ کيس رحميارخان نيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي هو رستي ۾ فوت ٿي ويو ٿي ويو، جنهن جو لاش ڏهرڪي اسپتال واپس آڻي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. اهڙي واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي. هوڏانهن ڀٽو برادري جي مڇريل ڳوٺاڻن نيازي برادري جي گاڏي کي روڪي کيس باهه ڏي ساڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي جو ڊرائيور الطاف شيخ  سخت زخمي ٿي پيو آهي جڏهن ته رات دير جو خبر لکجڻ تائين واقعي جي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو