126

کير جي اگهن ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي، فوڊ اٿارٽي ۽ ڪمشنر ڪراچي کي پيش ٿيڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ کير جي اگهن ۾ واڌ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران غير قانوني طور مهانگي اگهه تي کير وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ ڪراچي جي ڪمشنر کي 21 سيپٽمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو، ڪالهه ٻڌڻي دوران ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته في ڪلو کير جو اگهه 110 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته ڪهڙي بنياد تي 110 رپيا اگهه مقرر ڪيو ويو آهي؟ عدالت مهانگي اگهه تي کير وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو آهي پر ان تي عملدرآمد نه ٿو ٿئي، جسٽس اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ڏيندي چيو ته کير ۾ ڪيميڪل ملائڻ جون خبرون اچي رهيون آهن، کير جو معيار ڪير چيڪ ڪندو آهي؟ جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي کير جو معيار چيڪ ڪندي آهي جنهن تي عدالت اسسٽنٽ ڪمشنر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوءِ اوهان مٿي ڇو ويٺا آهيو، چيڪ ڪرڻ اوهان ڪم آهي. عدالت چيو ته ڪراچي ۾ 160 رپيا في ڪلو کير ملي رهيو آهي اوهان کي پتو آهي؟ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو اسسٽنٽ ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ذميوار آهيو عوام جي ٽيڪس مان پگهار کڻي رهيا آهيو ته ڪم به ڪيو، عدالت چيو ته فوڊ اٿارٽي به ننڊ پيل آهي اڄ کان ڪم شروع ڪيو، ان موقعي تي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان روزانو ڇاپا هڻي رهيا آهيون جنهن تي عدالت چيو ته ڏيکاءُ وارا ڇاپا نه گهرجن وڃي ڪم ڪيو. ان موقعي تي ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي جو ڪمشنر مهانگي اگهه تي کير وڪرو ڪرڻ واري معاملي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. عدالت چيو ته اهو سڌي ريت عوام جو مسئلو آهي ۽ حڪم تي عملدرآمد چاهيون ٿا، عدالت سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ ڪراچي جي ڪمشنر کي 21 سيپٽمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو