116

 پاڪستان خلاف سازشن تي اکيون بند نٿا ڪري سگهون: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي خلاف  ٿيندڙ سازشن تي اکيون بند نٿا ڪري سگهون. قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي اجلاس کان پوءِ وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جو فريم ورڪ تيار آهي ۽  ان بابت لاڳاپيل تنظيمن کان راءِ گهري آهي. هن چيو ته سي پي اين اي، پي بي اي سان گڏ ميڊيا ڊوالمپيمنٽ اٿارٽي تي اجلاس ڪيو ويو. وزيراعظم چاهي ٿو ته ميڊيا ڊويلپمينٽ اٿارٽي بابت راءِ اتفاق راءِ سان اڳيان وڌي. ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته ڪنهن به قسم جي ريگوليشن نه ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا وار گيم هلي رهي آهي ۽ ميڊيا کي اوزار طور  استعمال ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ جي خلاف آرٽيڪل ڇپجندا آهن پر اسان جو موقف نٿو اچي ميڊيا نمائندن جي حقن ۽ ڪوڙين خبرن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو