136

سينيئر صحافي دوست جي ايم کوسو جو وڇوڙو

ليکڪ: حاڪم نصيراڻي

ڪائنات جي تمام وڏي ڏاهي حضرت علي عه جو هڪ اهڙو قول جنهن مونکي سوچڻ تي تمام گهڻو مجبور ڪيو اهو قول ڪجھه هن ريت آھي ته ”انسان کي زندگي ۾ هڪ دوست ملي وڃي ته خوشنصيب آھي ٻه دوست ملن ته دنيا جو بهترين خوشنصيب آھي ۽ ٽي دوست کيس ملي به نه ٿا سگهن“ هاڻي جڏهن مون اهو قول پڙهيو ته سوچڻ لڳس ته هي اسان جا سوين دوست ڏک سک شادي مرادي توڙي موت تي اچيو گڏ ٿين ڇا اهي اسان جا دوست ناهن؟ ان پرولي کي سمجهڻ ڏکيو ڪم هو، دنيا جي دستور مطابق معاشرتي رشتا ڳنڍيا ۽ ٽوڙيا ويندا آھن، اڄ اسان سان ڪنهن حال ۾ ڪو گڏ هوندو ته سڀاڻي اسان به ان حال ۾ سندن ٻانهن ٻيلي هونداسين ڇو ته انسان معاشري جو جيوڙو آھي، احساس، ڪهل ۽ قهر انسان جي وجود جو حصو آھن، حقيقي دوست اهو جنهن جي هجڻ سان پنهنجائپ جو احساس ٿيندو هجي، جنهن جي هجڻ سان انسان پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهي، جنهن جي هجڻ سان هميشه ڪجهھ نه ڪجهھ سکڻ لاءِ ملندو رهي شايد ان لاءِ مولا ڪائنات جو اهو فرمان هو، اصل دوست اهو آھي جيڪو بري رستي کان روڪي چڱائي طرف وٺي اچي، بنا اظھار جي پيڙائن، تڪليفن، ڏکن ڏوجهرن ۽ خوشي کي پرکي وٺي، نرڙ تي پيل گهنجن ۽ اکين جي چمڪ  مان دلي ڪيفيت جو اندازو لڳائي سگهي، سو اهڙي هڪ عظيم هستي سنڌو بادشاهه جي ساڄي ڪپ جي سرحدي شھر ڪشمور ۾ جنم ورتو، سندن ديندار والد نالو ته غلام محمد رکيو پر شايد سن واري سيد جي نظريي سان نظرياتي طور تي متاثر ٿي پنهنجو پاڻ کي جي ايم کوسو سڏائڻ لڳو، ايتري قدر جو لفظ جي ايم سندن پٽن پوٽن توڙي پوٽين جي نالن سان به منسلڪ ٿي ويو، جي ايم کوسو صحافت جهڙي مقدس ۽ عظيم پيشي سان  1988ع کان وٺي ساهه جي آخري تند تائين جڙيل رهيو، مختلف سنڌي اخبارن سان لاڳاپيل هجڻ ڪري خبر ٺاهڻ تي کيس وڏو عبور حاصل هو جيڪو نوجوانن ۽ سيکڙاٽ صحافي دوستن لاءِ مشعل جي لاٽ کان گهٽ نه هو، سندس همعصر دوستن جو چوڻ آھي ته جڏهن رابطن جون سهولتون ايڏيون نه هيون، تڏهن به جي ايم کوسو ڪٿان نه ڪٿان ڪا خبر آڻي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيندو هو، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور سان لاڳاپيل هجڻ ڪري مون کي به ٿوري عرصي ۾ صحافت ڪرڻ جا تمام گهڻا گر سکڻ لاءِ مليا، مون کي چوندو هو ته استاد ڇري ان ٻانگي تي جلدي هلندي آھي جيڪو گهڻيون ٻانگو ڏيندو آھي، جي ايم کوسو صاحب  اها ڳالهھ پنهنجي زندگي جي تلخ تجربن ۽ مشاهدن کان پوءِ ڪئي ڇو ته هن کي ڪيترا ئي دفعا جيل ياترا پڻ ڪرڻي پئي پر مجال آھي جو پنهنجي مقصد کان تر برابر به پوئتي هٽيو هجي، صحافت کي هميشه ڪنڊن جي سيج سان تشبيهھ ڏيندي چوندو هو ته صحافي کان ڪوبه راضي ناهي مظلوم جي حق ۾ لکون ته ظالم ناراض نه لکون ته مظلوم ناراض، مطلب ته ڪنهن کي راضي نٿا ڪري سگهو ڪوشش ڪيو ته ضمير کي راضي رکو، صحافت سان گڏ سنڌ آبادگار بورڊ جو ميمبر هجڻ ڪري مرحوم جي ايم کوسو هارين جي حقن لاءِ به سڀ کان اڳرو رهندو هو، ڀاڻ ٻج کان وٺي خوراڪ کاتي پاران آبادگارن سان ٿيندڙ ناانصافين جي لاءِ نٽھڻ اس توڙي پوھ جي پاري ۾ جي ايم کوسو حق جو علم هٿ ۾ کڻي پهرين صف ۾ ٻيٺل نظر ايندو هو، ان سان گڏوگڏ خدا ترس اهڙو جو هر چڱي ڪم ۾ حصو وٺڻ پنهنجي لاءِ فخر سمجهندو هو، ڪشمور جي الخدمت اسپتال ۾ سندن ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن، دوستي پنهنجو پيدا ڪيل رشتو هوندو آھي اهو رشتو ڪيئن نڀائجي اهو ڏانءُ جي ايم کان وڌيڪ شايد ئي ڪو سمجهي سگهي ها

 زندگي جي پندرهن سالن کان وٺي مرحوم سان نيازمندي جو هڪ بي مثال رشتو رهيو، هجت به هوندي هئي کل مذاق به ڪري وٺندا هئاسين ظاهري عمر جي فرق کان بي نياز ٿي سندس شفقت ۽ هميشه مثبت سوچ دل ۾ عزت جا انبار ٺاهي ڇڏيا، ڪس، ڪسر، برداشت، سهپ ۽ درگذر ڪري ڇڏڻ جي تلقين هميشه سندس لبن تي هوندي هئي، دوست گهڻن مسئلن ۾ ڪڏهن ڪڏهن جذباتي ٿي ويندا هئا تڏهن اهو چئي سڀني کي خاموش ڪرائيندو هو ته يار زندگي چئن ڏينهن جي آھي سڀ ڪجهھ اتي رهجي ويندو بس برداشت ڪيو، مون لاءِ اها منحوس گهڙي هئي جڏهن اسان جي سينيئر دوست ڪرپال ڪيسواڻي نهايت ئي ڏک سان ڀريل آواز ۾ جي ايم کوسي جي وڇوڙي جي خبر ڏني، ان ساعت اندر ۾ هڪ قيامت برپا ڪري ڇڏي، يقين ئي نه پيو اچي ته سندس چيل لفظ هن ڪوڙي سنسار ۾ سچا ثابت ٿيندا ته ´يار هاڻي اسان جو آواز گروپ ۾ ٻڌي نه سگهندؤ، غلام محمد کوسو جي وڇوڙي جي وڍ جيءَ کي جهوري وڌو، بس هاڻي صرف خوبصورت يادون ئي آھن جن جي سهاري رهيل زندگي جون گهڙيون بسر ڪبيون، سنڌ جي سرموڙ شاعر لاکيڻي لطيف شايد هي شعر مرحوم جي ايم کوسو جهڙن ماڻھن لاءِ لکيو آھي ته؛

گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،

ڪڏهن منجهھ ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ  جا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو