ليکڪ: دانش نبي بخش شر
عالم اسلام جو چوٿون پيشوا حضرت امام زين العابدين (علي بن الحسين) عليه السلام پندرهن جمادي الاول سنه 36 هجري ۾ جناب اميرالمومنين علي بن ابي طالب(ع) جي شهادت کان چار(4) سال پهريان، مدينه منوره ۾ پيدا ٿيا. سندن والد حضرت امام حسين عه ۽ والده محترمه بي بي شهربانو آهن، سندن مشهور لقب زين العابدين، سجاد ۽ ڪنيت ابومحمد آهي، کين 23 سال پنهنجي بابا سان گڏ زندگي گذارڻ جو موقعو مليو ۽ ان عرصي دؤران سندن زير تربيت رهيا. سندن امامت جو مدو 34 سال هو. مشهور آهي ته پاڻ ڏينهن جو ضرورتمندن لاءِ اڪثر ڪري کوھه کوٽيندا هئا ۽ رات جو جاڳي عبادت ڪندا هئا. اهو ئي سبب هو جو سجاد (بي انداز سجدن ڪرڻ وارو) ۽ زين العابدين (عبادت ڪرڻ وارن جي سونهن) جي لقب سان مشهور ٿي ويا. سندس فرزند ۽ عالم اسلام جي پنجين پيشوا (حضرت امام محمد باقر عليه السلام) جو چوڻ آهي ته مان ڏسندو هئس ته بابا جا پير گهڻي عبادت ۽ گهڻي دير بيهڻ جي ڪري سُڄي ويندا هئا، منهن جو رنگ ڦڪو ٿي ويندو هو، خوف خدا سبب گهڻن لڙڪن وهڻ ڪري سندن رخسارن تي جهريون پئجي ويون هيون ۽ بي انتها سجدن ڪرڻ سبب گهڻي گاٺ جي سبب پيشاني مبارڪ جي چمڙي ڇوڏن واري صورت اختيار ڪري ويندي هئي. رات جو کاڌو، لٽا ڪپڙا ۽ ڪاٺيون کڻي غريبن کي گهر پهچائڻ سندن معمول هوندو هو، جڏهن ته ماڻهن کي اها خبر ئي نه هوندي هئي ته اهو(سامان پهچائڻ وارو) آهي ڪير؟! غريبن سان گڏ ويهندا هئا ۽ انهن سان ڪٺي ماني کائيندا هئا. نه رڳو ايترو پر انهن سان ڏک سور ۾ به ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا هئا ۽ انهن لاءِ ڇپر ڇانو هئا، پاڻ سيدالشهداءَ حضرت امام حسين عليه السلام جا وڏا ۽ پڳدار پٽ ۽ سندن علم جا وارث هئا، جڏهن ڪربلا جي جنگ لڳي ته ان وقت اهل بيت (ع) جي قافلي ۾ شامل هئا، مريض الحال هجڻ ۽ رب تعالى جي مصلحت سبب جنگ جي ميدان ۾ نه وڃي سگهيا ان ڪري شهادت کان محفوظ رهي مظلوم سادات جي قيدي قافلي جا سالار بڻيا، ڪربلا جي واقعي کان پوءِ ڪوفي ۽ شام طرف قيد دؤران عبيدالله بن زياد ۽ يزيد جي درٻار ۾ نهايت ئي دليري سان اثرائتيون تقريرون ڪري مظلوم امام حسين(ع) جي حقانيت ثابت ڪرڻ سان گڏ عبيد الله بن زياد توڙي يزيد جي ظالماڻي نظام جي چڱي طرح پت وائکي ڪيائون، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حضرت امام زين العابدين(ع) جو قيدي ٿيڻ حضرت امام حسين(ع) جي مقصد کي لوڪ آڏو آشڪار ڪرڻ ۾ نهايت ئي ڪارائتو ثابت ٿيو، ان ڪري جو ان سفر ۾ ساڻن گڏ سمورن قيدين عظيم بردباريءَ سان ماڻهن کي ڪربلاجي پيرائتي وارتا ٿي ٻڌائي ۽ ساري لوڪ به انهن کي ويجهڙائي کان پئي ڏٺو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان کان اڳ امام حسين(ع) جي شهادت جي ته ڪنهن کي خبر ئي نه هئي ۽ ان جرم جا مرتڪب ظالم خاص ڪري يزيد ته ان کان اڳي ايڏو خوار ئي نه ٿيو هو، جن ماڻهن سمجهيو پئي ته امام حسين(ع) ۽ سندن خاندان کي شڪست ملي آهي تن جي سوچ جي ابتڙ اهي (اهل بيت) قيدي جتان به گذريا ٿي اتي امام حسين(ع) جي فتح ۽ يزيد جي شڪست کي نروار ڪندا ٿي ويا. ڪربلا جي اکين ڏٺن شاهدن ۽ شهيدن جي وارثن مان امام زين العابدين(ع) ۽ سيده زينب ڪبرى(س) ئي ٻه شخصيتون هيون جن ماڻهن جي سوچ کي سجاڳ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪربلا جي امر حقيقت ۽ حقانيت کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين اجاگر ڪيو، يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڪربلا جو پيغامبر امام زين العابدين ۽ ڪربلا جي شيردل بي بي حضرت زينب بنت علي(ع) نه هجن ها ته ڪربلا جو پيغام ۽ امام حسين عليه السلام جي قرباني هرگز بچي نه سگهي ها، ڪربلا جي واقعي کان پوءِ ۽ مديني واپس اچي امام زين العابدين(ع) نبوي حديثن جي ترويج ۽ اسلامي تعليمات سان گڏ مسلمانن جي هڪ وڏي جٿي جي تربيت ۾ لڳي ويا، تن مان شيخ طوسي عليه الرحمه 170 شاگردن جا نالا ذڪر ڪيا آهن جن امام(ع) کان ڪيئي روايتون به نقل ڪيون آهن. انهن مان ٽن عظمت ڀرين شاگردن جو ذڪر اختصار کي نظر ۾ رکندي هتي ڏجي ٿو سعيد بن مسيب، حضرت امام سجاد(ع) پاڻ ارشاد فرمائن ٿا ته ”سعيد، ماضي جي حالتن ۽ واقعن کان ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻ ٿو رکي“ ابو حمزه ثمالي” امام حضرت علي بن موسى الرضاعليه السلام جن فرمائن ٿا ته ”ابوحمزه پنهنجي دؤر ۾ ايئن هو جيئن سلمان فارسي پنهنجي زماني ۾ هو“ سعيد بن جُبير علمي اعتبار کان ايترو ته باصلاحيت، ماهر ۽ باخبر انسان هو جو چوندا هئا ته ”ڌرتيءَ تي ڪو اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو جُبير جي پٽ (سعيد) جو محتاج نه هجي“ هي مرد مجاهد امام سجاد(ع) جو هڪ سچو شاگرد ۽ مريد هو، اهو ئي سبب هو جو پاڻ امام زين العابدين(ع) به هن جو وڏو احترام ڪندا هئا، امام(ع) سان ان نسبت جي جرم ۾ ئي هن کي حجاج بن يوسف ثقفي جي حڪم سان سندس آڏو شهيد ڪيو ويو. امام(ع) جي تحريري علمي ڪارنامن مان ٻه جڳ مشهور ڪتاب “صحيفه سجاديه” ۽ “رسالة الحقوق” آهن. صحيفه سجاديه کي ”زبور آل محمد“ به ڪوٺيو ويو آهي. هي ڪتاب 54 مختلف موضوعن متعلق دعائن تي مشتمل آهي جيڪو دنيا جي ڪيترين ئي رائج ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي ۽ دنيا جي هر لائبريريءَ ۾ موجود آهي. جڏهن ته ”رسالة الحقوق“ ۾ حق ڄاڻايل آهن، سندن حياتيءَ ۽ امامت جي دؤر ۾ پنج جابر حڪمران (يزيد، عبدالله بن زبير، مروان بن حڪم، عبدالملڪ بن مروان ۽ وليد بن عبدالملڪ) ٿي گذريا، جن مان هرهڪ ڪجهھ وقت تائين عالم اسلام تي پنهنجو جابرانه نظام مڙهي رکيو، عالم اسلام جي ان عظيم هستيءَ کي 12 محرم الحرام ۽ هڪ ٻي روايت موجب بروز ڇنڇر 25 محرم الحرام سنه 95 هجري ۾ وليد بن عبدالملڪ جي دؤر حڪومت ۾ زهر سان شهيد ڪيو ويو، سندس مزار ”جنة البقيع“ (مدينه منوره) ۾ آهي. علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي، امام عليه السلام جي اولاد ۾ 18 ٻار ڄاڻايا آهن، جن مان يارهن پٽ ۽ ست نياڻيون ذڪر ڪيون اٿس. (مواهب سيدالبشر، مرتب خسرو قاسم، هندستان، ص157) جڏهن ته شيخ مفيد الارشاد ۾ امام (ع) جي اولاد جو تعداد 15 جن مان يارهن پٽ ۽ چار نياڻيون ڄاڻايو آهي. (شيخ مفيد ”الارشاد“ دفتر نشر فرهنگ اسلامي، ايران، 1386ھه ش) جن مان پنج پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون. بقول علامه معين ٺٽوي عليه الرحمه جي امام (ع) جي منڊي تي ”السعي قابل الخير“ چٽيل هو. ڪتاب ”معارف همرا“ ۾ ”لکل هم حسبي الله“ لکيو آهي.(گروه تاليف مؤسسه ذوالجناح، 1381ھ ش، ص180)