110

افغانستان جا واپاري لاڳاپا ۽ طالبان لاءِ وڌندڙ چئلينج…

ليکڪ: وجدان محمد کوسا

طالبان افغانستان جو قبضو ته حاصل ڪري ورتو آهي پر اڃا تائين سمورن ملڪن طرفان اهو واضح ناهي ٿيو ته طالبان جي ٺهندڙ حڪومت سان سفارتي لاڳاپن جي حوالي سان انهن جي حڪمت عملي ڪهڙي هوندي، هيءَ هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا انهن ملڪن سان افغانستان جي گڏيل واپاري لاڳاپن تي به اثرانداز ٿيندي، افغانستان دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو وڏو واپاري ساٿي نه آهي، ان ڪري جيڪڏهن طالبان حڪومت دنيا سان پنهنجا لاڳاپا خراب ڪري ٿي ته ان جا اثر ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ افغانستان تي مجموعي طور انتهائي گهڻا پوندا، گذريل سالن ۾ افغانستان جي پرڏيهي دنيا سان واپار ۾ مسلسل واڌ ٿي آهي، گڏيل قومن جي انگن اکرن مطابق 2008ع ۾ افغانستان جي برآمدات جي ڪل ماليت 3.6 ارب ڊالر هئي، جيڪا 2019ع ۾ 9.4 ارب ڊالر ٿي وئي هئي ۽ اڃا تائين 2019ع کانپوءِ جا انگ اکر ناهن مليا، ائين طالبان تي دٻاءَ هوندو ته ٻين ملڪن سان پنهنجي واپار جو ڪاٿو گهٽ ۾ گهٽ ان سطح تي برقرار رکن، پر ايندڙ ڏينهن ۾ افغانستان ۾ امڪاني واپاري ۽ ٻين پابندين کي نظر ۾ رکندي ان جو امڪان گهٽ آهي ته طالبان لاءِ اهو ڪم آسان هوندو، افغانستان ۾ بحران ۾ واڌ سان ٻين ملڪن سان واپاري لاڳاپا خراب ٿي سگهن ٿا، جنهن کانپوءِ هو پنهنجين وڏين برآمدي منڊين تان هٿ ڌوئي سگهي ٿو ۽ ان کي ڪيترن ئي ملڪن سان درآمدات ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو، ان سان ٻين ملڪن جا ڪجهه معاشي شعبا متاثر ٿي سگهن ٿا، مثال طور گذريل هفتي انهن خبرن کانپوءِ ته طالبان جي اچڻ سان افغانستان سان انڊيا جو واپار متاثر ٿيو آهي، انڊيا ۾ خشڪ ميون جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، خبرن مطابق انڊيا 85 سيڪڙو ڊرائي فروٽ افغانستان مان گهرائي ٿو، گڏيل قومن جي واپار متعلق انگن اکرن مطابق 2019ع ۾ افغانستان 112 ملڪن سان واپاري ڏي وٺ ڪري رهيو هو پر اڪثر ملڪن جي درآمدات ۽ برآمدات ۾ افغانستان سان ان جي واپار جو حصو هڪ سيڪڙو کان گهٽ هو، پنهنجي پاڙيسرين سميت افغانستان ڪنهن به ملڪ جو وڏو واپاري ساٿي نه رهيو، ان جو مطلب اهو ٿيو ته انهن ملڪن سان افغانستان جي واپار جو ڪاٿو ايترو گهٽ آهي جو جيڪڏهن افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ سان انهن جو واپار متاثر به ٿئي ٿو ته انهن ملڪن جي مقامي منڊين ۾ ان جا اثر گهٽ ئي پوندا. پر ان حوالي سان 2 ملڪن جو معاملو مختلف آهي، اهي پاڪستان ۽ ازبڪستان آهن، گڏيل قومن مطابق 2019ع ۾ پاڪستان جي ڪل برآمدات مان 4.9 سيڪڙو افغانستان وڃي رهي هئي، جڏهن ته پاڪستان جي درآمدات ۾ افغانستان جو حصو 1.2 سيڪڙو هو، اهڙي طرح ازبڪستان جي ڪل برآمدات ۾ افغانستان جو حصو 3.1 سيڪڙو ۽ برآمدات صرف .0 سيڪڙو هئي، ان لحاظ سان ڏٺو وڃي ته بيشڪ افغانستان انهن ملڪن جو به وڏو واپاري ساٿي ناهي، پر پاڪستان ۽ ازبڪستان لاءِ هڪ اهم برآمدي منڊي ضرور آهي. افغانستان ڏکڻ ايشيا جي وڏن برآمد ڪندڙ ملڪن ۾ شامل نه آهي، 2019ع ۾ هن جيڪي برآمدون ڪيون انهن جي ڪل ماليت رڳو .9 ارب ڊالر هئي، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ پاڪستان جي برآمدات تقريبن 24 ارب ڊالر هئي ۽ انڊيا جي 323 ارب ڊالر هئي، پر برآمدات گهٽ هجڻ باوجود افغانستان انڊيا ۽ پاڪستان تي گهڻو ڀاڙي رهيو آهي. 2019ع ۾ افغانستان جي ڪل برآمدات جو 81 سيڪڙو انڊيا ۽ پاڪستان برآمد ڪيو ويو، جنهن ۾ انڊيا جو حصو تقريبن 47 سيڪڙو هو ۽ پاڪستان جو 34 سيڪڙو رهيو، انهن ٻنهي ملڪن کانسواءِ افغانستان گذريل سالن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن ۾ پنهنجو مال موڪليو، جن ۾ چين، گڏيل عرب امارتون، ترڪي ۽ ايران به شامل آهن، افغانستان جي ڪل برآمدات جو 11 سيڪڙو حصو انهن 4 ملڪن کي موڪليو ويو، ان جو مطلب اهو آهي ته طالبان پاران انهن ملڪن ۽ خاص طور تي انڊيا ۽ پاڪستان سان سٺا لاڳاپا قائم رکڻ افغانستان جي پنهنجي معيشت لاءِ سٺو ٿيندو، جيڪڏهن هو ائين نٿا ڪن ته افغانستان پنهنجي وڏين برآمدي منڊين تان هٿ ڌوئي سگهي ٿو. افغانستان جي برآمدات ۾ وڏو حصو زرعي جنسن جو آهي، ان مان به وڏو حصو ڊرائي فروٽ جو آهي ۽ واپاري شماريات جي سالياني جائزي، ٽريڊ اسٽيٽسٽڪس ايئر بڪ مطابق 2019ع ۾ ان جي ڪل برآمدات ۾ خشڪ ميوي جو حصو تقريبن 35 سيڪڙو هو، افغانستان جي ڪل برآمدات ۾ تقريبن 39 سيڪڙو طبي جڙي ٻوٽيون، تازا ميوا ۽ سبزيون هيون، ان کانسواءِ افغانستان ڪپهه، ڪافي، پتي ۽ مصالحا برآمد ڪري ٿو، افغانستان جي تازا ترين سالياني شمارياتي جائزي مطابق ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار ۾ زراعت جو حصو 27 سيڪڙو آهي، ان کانسواءِ 2016ع کان 2017ع جي جائزي مطابق ان جي باروزگار آبادي جو 44 سيڪڙو زرعي شعبي سان لاڳاپيل آهي،  ٻين ملڪن سان سٺا لاڳاپا افغانستان جي برآمدات کان وڌيڪ ان جي درآمدات لاءِ اهم آهن، گڏيل قومن مطابق گذريل 11 سالن ۾ افغانستان جي درآمدات جي مقابلي ۾ ان جي برآمدات 12 ڀيرا وڌيڪ رهي آهي، 2008ع ۽ 2019ع جي وچ واري عرصي ۾ هن 70.6 ارب ڊالرن جون مصنوعات درآمد ڪيون، جڏهن ته ان جي برآمدات جي ڪل ماليت رڳو 6.1 ارب ڊالر هئي، جيتوڻيڪ افغانستان جي برآمدات جو وڏو حصو انڊيا ۽پاڪستان کي وڃي ٿو، درآمدات جي لحاظ کان هو، ڪيترن ئي ملڪن تي ڀاڙي ٿو، 2019ع ۾ جن ٽن ملڪن افغانستان مان سڀ کان وڌيڪ مصنوعات برآمد ڪيون، اهي ايران ۽ چين ۽ پاڪستان آهن پر افغانستان جي ڪل برآمدات ۾ انهن ٽنهي ملڪن جو حصو 41 سيڪڙو رهيو آهي، اهڙي طرح افغانستان جي ڪل درآمدات جو ڪل 81 سيڪڙو صرف 10 ملڪن مان آيو ۽ ان جي برآمدات جو 81 سيڪڙو حصو صرف ٻن ملڪن کي موڪليو ويو. 2019ع ۾ افغانستان مان سڀ کان وڌيڪ ماليت جي درآمدات ايران ڪئي (ڪل درآمدات جو 14.6 سيڪڙو حصو) جنهن کانپوءِ چين (13.9 سيڪڙو) پاڪستان (12.9 سيڪڙو) درآمدات ڪئي، افغانستان ڪيترن ئي قسمن جي مصنوعات درآمد ڪري ٿو، جنهن ۾ سڀ کان وڏو حصو معدني ٻارڻ آهي، جيڪو هو ترڪمانستان ( 30 سيڪڙو)، ايران (27 سيڪڙو)، روس (6 سيڪڙو)قزاڪستان (4 سيڪڙو) کان گهرائي ٿو. ان کانسواءِ افغانستان 27 ٻين ملڪن مان به معدني ٻارڻ جي لسٽ ۾ شامل شيون گهرائي ٿو. افغانستان جيڪا مصنوعات درآمد ڪري ٿو، ان ۾ وڏو حصو جانورن ۽ نباتات مان حاصل ٿيندڙ چرٻي ۽ تيل جو آهي، اهو ملائيشيا (67 سيڪڙو) روس (10 سيڪڙو ۽ پاڪستان (9 سيڪڙو) کان گهرائي ٿو. افغانستان ڪيترن ئي ٻين ملڪن مان به چربي ۽ تيل گهرائي ٿو، ان کانسواءِ افغانستان ڪتيرن ئي ٻين ملڪن مان ڪجهه خاص شيون گهرائي ٿو، مثال طور نيپال مان ان کي وڌيڪ دوائون اچن ٿيون، هو ماريشس مان جيڪي شيون وڌيڪ گهرائي ٿو ان ۾ وڏو حصو پلاسٽڪ جي شين جو آهي، 98 سيڪڙو زندهه جانور پاڪستان مان افغانستان وڃن ٿا ۽ قدرتي ڪيميائي مواد جو 89 سيڪڙو چين مان گهرايو وڃي ٿو، ان ڪري افغانستان لاءِ اهو اهم آهي ته هو پنهنجو واپار جاري رکڻ لاءِ انهن ملڪن سان سٺا لاڳاپا برقرار رکي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان جي درآمدات خراب طريقي سان متاثر ٿي ۽ افغانستان کي متبادل منڊين طرف ڏسڻو پيو ته ملڪ ۾ عام ماڻهن لاءِ مختلف شين جي قيمتن جا اگهه به وڌي سگهن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو