ليکڪ: حسين منصور
سکر ۾ اسان جي صحافي دوست شوڪت نوناري کي ڪجهه عرصو اڳ دل جي تڪليف ٿي پئي، کيس فوري طور تي سکر ۾ قائم اين آءِ سي وي ڊي آندو ويو، اين آءِ سي وي ڊي سکر جي انتظاميا کيس دل جي فرسٽ ايڊ ڏني، جنهن بعد کيس اين آءِ سي وي ڊي جي خيرپور ۾ قائم يونٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي کيس فوري طور تي اسٽنٽ لڳائي سندس حياتي بچائي وئي ۽ اهو سڄو عمل 45 منٽن ۾ ئي مڪمل ٿي ويو. جيڪڏهن سکر ۽ خيرپور ۾ اهي يونٽ نه هجن ها ته شايد اسان پياري شوڪت نوناريءَ کي ئي وڃائي ويهون ها. پر اهي به اين آءِ سي وي ڊي جون مهربانيون جو سڄي سنڌ ۾ دل جي بيمارين جي حوالي سان 31 يونٽ قائم ڪيائين ۽ ماڻهن کي دل جي تڪليف ۾ ترت علاج جون سهولتون مهيا ڪيائين، سنڌ سرڪار جون به مهربانيون، جيڪا دل جي بيمارين واري هن اداري اين آءِ سي وي ڊي جي مناسب سار سنڀال ۽ سهائتا ڪندي پئي اچي ۽ سندس ئي مدد سان هي ادارو، دل جي بيمارين جي علاج جو اهو واحد ادارو بڻجي ويو آهي، جنهن دل جا 4000 آپريشن ڪيا آهن، 8197 مريضن کي اينجيو پلاسٽي جي طريقي پرائمري پريڪاشس ڪورونري انٽروينشن جون سهولتون مهيا ڪيون آهن ۽ سوين امپلانٽ ڪيا آهن ۽ انهن سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هن اداري ڪنهن به قسم جون رقمون نه اوڳاڙيون آهن، ماڻهن کي اهي سموريون سهولتون مفت ۾ مهيا ڪيون ويون، ان سان گڏ اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ 8 سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ 10 اسپتالون ۽ 21 ٻيا يونٽ قائم ڪيا آهن، دل جي بيمارين جي علاج واري هن اداري ۾ رڳو 2019ع، 2020ع دوران 38 لک ماڻهن جو علاج ڪيون، گذريل ڇهن مهينن هن اداري ڪنٽونمينٽ بورڊ ملير هيلٿ سينٽر ۽ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ٽنڊو الهيار ۾ ٻه يونٽ قائم ڪري ورتا آهن، ان کانسواءِ هن اداري جي سکر ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ قائم ٻن شاخن دل جي بيمارين ۾ ورتل 70 ٻارڙن جا ڪامياب آپريشن ڪري سندن حياتيون بچايون آهن ۽ اهو اعزاز به اين آءِ سي وي ڊي کي حاصل آهي جو سکر ۾ قائم ان جي يونٽ دل جي سوراخ ۾ ورتل هڪ ٻار جي اوپن هارٽ سرجري بدران ڊوائس ذريعي آپريشن ڪري سندس زندگي بچائي آهي، ڊاڪٽر محمد علي قاسم دنيا ۾ ھڪ مڃيل ڊاڪٽر ھو، ھن ٻي مھاڀاري جنگ ۾ بھ برطانوي قبضي ھيٺ آيل ھندستان ۾ بھ ڊاڪٽر طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ برطانيا ۽ آمريڪا مان طب واري شعبي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪيائين، 1948ع ۾ ھن ڪراچي جي جناح اسپتال جيڪا ان وقت جناح سينٽرل ھاسپيٽڪل ڪوٺي ويندي ھئي، ۾ ڊاڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون، ھي اھوئي شخص ھو، جنھن جناح اسپتال کي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ تبديل ڪيو ۽ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ھل لائبريري پڻ قائم ڪئي ۽ 1963ع ۾ ھن معتبر ۽ محترم ڊاڪٽر پنھنجو خواب ساڀيان ڪندي ملڪي توڙي غير ملڪي خيرخواھن کان پئسا گڏ ڪري نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو وسڪيولر ڊزيز، (اين آءِ سي وي ڊي) جو بنياد رکيو، جنھن جي پيڙھھ جو پٿر ان وقت جي فيلڊ مارشل ايوب خان رکيو ھو، اين آءِ سي وي ڊي اڃا چڱي ريت ڪم ئي شروع نھ ڪري سگھي ھئي جو سندس پيڙھھ جو پٿر رکڻ کان ھڪ سال پوءِ 1964ع ۾ ئي اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر طور خدمتون ارپيندڙ ڊاڪٽر محمد علي قاسم لاڏاڻو ڪري ويو پر اين آءِ سي وي ڊي جي پوري ٽيم جس لھڻي، جنھن سندس ڪم کي روڪڻ بدران اڳتي وڌائڻ شروع ڪيو ۽ خيراتي رقمن مان اسپتال کي ھلائڻ جو ڪم جاري رکيو، ھن اسپتال کي اڳڀرو ڪرڻ ۾ سنڌ سرڪار، خاص طور تي پيپلز پارٽي جو بھ تمام اھم ڪردار رھيو، پيپلز پارٽي سان مختلف معاملن تي لک اختلاف پر اين آءِ سي وي ڊي جي ھر ممڪن سھڪار کي سنڌ حڪومت، جاپاني حڪومت ۽ آمريڪي يو ايس ايڊ ممڪن بڻائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي، ڪنھن کي خبر ھئي تھ 1956ع ۾ جناح اسپتال جي وارڊ نمبر 10 ۾ قائم ٿيندڙ ھڪ سينٽرل ھارٽ ڪلينڪ ھڪ ڏينھن دل جي بيمارين جي حوالي سان دنيا جو پھريون نمبر نيٽ ورڪ ليکيو ويندو. پنھنجي قيام جي 15 سالن اندر ئي آگسٽ 1971ع تي جاپاني حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ يو ايس ايڊ جي مدد سان جناح اسپتال جي سينٽرل ھارٽ ڪلينڪ ھاڻي دل جي سينٽر ۾ تبديل ٿي وئي ھئي ۽ ايندڙ 8 سالن دوران 1971ع کان 1979ع تائين اين آءِ سي وي ڊي ھڪ اين جي او طور خدمتون سرانجام ڏيندي رھي ۽ 1979ع ۾ اين آءِ سي وي ڊي کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، ھلندڙ سال 2021ع ۾ دل جي بيمارين جي ھن سڀني کان وڏي نيٽ ورڪ کي بھترين خدمتون سرانجام ڏيڻ تي انٽرنيشنل ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي ڪانفرنس جي 13ھين نيشنل فورم ۽ ايوارڊ 2021ع پاران سندس خدمتن جي مڃتا طور 15 مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو آھي، سنڌ سرڪار ۽ سنڌي ماڻھن کي ھڪڙي گذارش رکبي تھ اھي ھر ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ھن اسپتال جا يونٽ قائم ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن، مخير ماڻھو اڳتي اچي پنھنجي زمين مان ڪو ٽڪرو ڪڍي ھن اسپتال لاءِ عطيو ڪن تھ جيئن دنيا جو ھي بھترين نيٽ ورڪ اتي پنھنجا يونٽ جوڙي ماڻھن کي بروقت علاج جون سھولتون مھيا ڪري سگھي ۽ صدين لاءِ سنڌ توڙي سڄي دنيا انھن مان لاڀ حاصل ڪندا رھن.