99

پي ڊي ايم جو وڃايل وجود ۽ ڀڀڪيون…

ليکڪ: رياض ابڙو 

عوام ۾ ڪيڏي نه فراخ دلي ۽ محبوبيت آهي جو نه ٿا ڏسن آنجهي نه مانهجي، نه ٿا ڏسن اُس نه ڇانوَ، نه مينهن، نه جهڙ، بس هلي ٿا پون، هنن کي ڪووڊ جي خطرناڪ قسم ڊيلٽا جي به پرواهه ناهي، بس هڪ سڏ تي نڪري پون ٿا، پوءِ اهو سڏ 2012ع ۾ سخت سياري دوران طاهر القادري ڏنو هجي يا وري 2018ع جا ڌرڻا هجن، توڙي جو ڪنٽينرن تي بيٺل اڳواڻن غريب ماڻهن جي جذبن سان راند ڪئي، سول نافرماني ڪري بجلي ۽ گئس جا بل ڦاڙي ماڻهن کي ڏينهن ڏٺي نئين پاڪستان جا خواب ڏيکاريا، پر هاڻ اهڙن ماڻهن کي غريبن ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن، ڇو ته خان جو هڪ به واعدو وفا نه ٿيو، پر هيل هي جيڪي گجرانوالا واري جلسي کان وٺي ماڻهو روڊن تي نڪتا آهن، اهو ان ڪري به آهي ته هي غريب ماڻهو هن سرڪار جي مهانگائي کان تنگ اچي ويا آهن، هنن ماڻهن اهو غلط سمجهيو هو ته واقعي ڪو نئون پاڪستان ٺهندو پر عوام کي ملي ته رڳو مهانگائي، بيروزگاري، اسٽيل ملز جي ملازمن جي دربدري، وري گئس جي ملازمن جي نيڪالي، پي ٽي آءِ جي کنڊ ۽ اٽي وارا بحران، ڪرپشن، مني لانڊرنگ ۽ تيل جون وڌايل قيمتون، ان ڪري ماڻهو هاڻ مڪمل بيزار آهن، ڇو ته عوام جي حڪمرانن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ڇو ته جيڪو شخص بجلي جي وڌايل اگهن جي ڪري بل ڦاڙيندو هو، ان ئي هاڻ بجلي ٽيڻي مهانگي ڪري ڇڏي آهي، جنهن شخص ڪنٽينر تي بيهي گئس جا بل ساڙي ووٽ ورتا، اهو هاڻ گئس امپورٽ ڪري ڊالر تي خريد ڪري لوڪل گئس جا اگهه ايترائي وڌائي ڇڏيا آهن جيترا امپورٽيڊ گئس جا آهن، مطلب ته بحرانن جي سائنس ڪير هنن حڪمرانن کان سکي، هن پنهنجي همعصر سياستدانن کي اهڙو سبق سيکاري ڇڏيو آهي جو اهي ڪڏهن به بل نه ڦاڙيندا، وقت وڏو ظالم آهي، عمران خان جيڪو فارمولو ٻين تي اپلاءِ ڪيو آهي اهو هن تي به ٿيندو، ڇو ته هن لاءِ به نيب جا ڪات ڪهاڙا تکا ٿين پيا، هن به ته ڪشمير جي سودي جي ڳالهه ڪئي، هن ڪشمير جا ڪوڙا نقشا ڏيکاري ماڻهن کي جذباتي ڪيو، هن تيل، گئس، بجلي ۽ پاڻي جا بحران پيدا ڪيا، هن ماڻهن کي ڏٽي تي رکيو، گذريل سال نئين گاج اٿلڻ سبب جيڪي نقصان ٿيا غريبن جا گهر گهاٽ ڊٺا پر پي ٽي آءِ جي حڪمرانن جي ڪن تي جونءِ به نه چري، ڪراچي جي ترقياتي ڪمن لاءِ 1300 ارب ڏيڻ جو واعدو ڪري ابتو سنڌ سرڪار کان 700 ارب رپيا خرچ ڪرايو ويو ۽ وفاقي بجيٽ مان هڪ ٽڪو به نه ڏنائين، انهن سمورن ڪلورن ۽ ڏاڍائين خلاف پي ڊي ايم به هڪ ٿي نڪري پئي ها پر هنن اهڙي بيڪار مخالفت ڪئي جهڙي بيڪار حڪومت هلي رهي آهي، هنن به سينيٽ جي چونڊن کي ئي غنيمت سمجهو، پنجاب جي موٽرويز تي ريپ ڪيس ٿين، روڊن تي هارين کي ڏنڊا هڻي ماريو وڃي، مينار پاڪستان وٽ ناانصافي ۽ ظلم جي قرارداد لکجي، عورتن سان ظلم ۽ بربريت ٿئي، پي ٽي آءِ وارن جي اک ڦري گهري رڳو سنڌ تي اچي بيهي ٿي، اهڙي حڪومت لاءِ پي ڊي ايم جي 11 پارٽين جو ٺاهه وقتائتو هو پر نواز شريف گهوڙا کپائي ميڊيڪل رپورٽ وٺي لنڊن هليو ويو، پي ٽي آءِ وارن کي به ميدان خالي کپندو هو، ان ڪري معاملا سڌا نه ٿي سگهيا، وفاقي سرڪار اسان سنڌين سان ظلم جي انتها ڪئي آهي، پاڻي جو معاملو هجي، اسٽيل ملز ملازمن جو مسئلو هجي يا هاڻي واري گئس جي 16 هزار ملازمن جي نيڪالي هجي، عوام کي پي ڊي ايم ۾ وڏو آسرو هو ته اها نوان سج اڀاريندي پر سيپٽمبر 2020ع کان وٺي سال مڪمل ٿيڻ وارو آهي، انهن به ڪجهه نه ڪيو، انهن به عوام کي ڏٽا ڏنا ۽ ضمني اليڪشن جا فائدا وٺي وات کي ڪپڙو ڏئي چپ ڪري ويهي رهيا، هنن نه لانگ مارچ ڪيو نه ئي اڳتي وڌيا، (ن) ليگ جي چوڻ تي استعيفائون ڏنيون وڃن ها ته سنڌ سرڪار نه بچي ها،  مولانا داٻا ساٻا ڏئي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي جيل مان ٻاهر ڪرايو، پر پي ڊي ايم حقيقت ۾ عوامي اميدن تي پورو نه لٿي، ٻئي طرف ڊالر جو اگهه ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪندڙ حڪمرانن عوام جو اهڙو حال ڪيو آهي جو ماڻهو اٽي لاءِ محتاج آهي، ٽڪي ٽڪي لاءِ محتاج آهي، سمجهڻ وارا اهو سمجهن ٿا ته هاڻ پي ڊي ايم بنا هوا وارو ڦوڪڻو آهي، جيڪو رڳو اڏامي ۽ ٽپ به ڏئي نه سگهندو، ان ڪري هاڻ ماڻهن کي 2 سال انتظار ڪرڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو