ايڊيٽوريل
ڀارتي فوج ڪشمير جي سينيئر آزادي پسند اڳواڻ سيد علي گيلاني جي لاش جي مذهبي رسمن سان تدفين ڪرڻ نه ڏني آهي، گذريل ڏينهن ڀارت جو بڇڙو چهرو وڌيڪ چٽو ۽ ظاهر ٿي پيو آهي، ڇو ته ڀارتي فوج آزادي پسند اڳواڻ جو لاش قبضي ۾ وٺي پنهنجي مرضي سان ان کي دفنايو آهي، جيڪو عالمي قانونن، اصولن، اخلاقي ۽ معاشرتي قدرن سميت جنگي ۽ قيدي قانونن جي ڀڇڪڙي آهي، اڄوڪي دنيا جيڪا پاڻ کي مهذب سڏرائي ٿي ان ئي دنيا ڪجهه جنگي ۽ قيدي قانون پڻ ٺاهيا آهن، هونئن ته ڀارت ٻن سالن کان سموري ڪشمير کي قيدي بڻايو ويٺو آهي پر گذريل ڏينهن ڀارتي فوجن جهڙي طريقي سان سينيئر ڪشميري اڳواڻ جي گهر ۾ گهڙي ان جي گهرڀاتين تي تشدد ڪري لاش تحويل ۾ وٺي پاڻ دفنايو آهي، ان جو ويجهي ماضي ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، اهڙو ظلم اڄ به ٻڌائي ٿو ته يزيدي ڪردار ڇا هوندو آهي ۽ حق ۽ سچ جي واٽ ڪهڙي آهي، اسان سمجهون ٿا ته هر انسان کي اهو حق آهي ته هو پنهنجي زندگي پنهنجي طريقي سان گذاري ۽ پنهنجي آزادي لاءِ آواز بلند ڪري، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ ڪشمير جو مسئلو اڄ به عالمي ضمير آڏو سواليا بڻيل آهي ۽ گذريل 74 سالن کان ڪشميري پنهنجي آزادي لاءِ جنهن بهادري ۽ دليري سان ظالم ۽ غاصب آڏو وڙهي رهيا آهن اهو بي مثال آهي پر ٻن سالن کان ڪشمير اندر ڀارت ظلم جون جيڪي حدون پار ڪيون آهن، سيد علي گيلاني جو لاش ڦرڻ انهن ظلمن جي انتها آهي، هاڻ ته اها ڳالهه لڪل به ناهي رهي ۽ وڊيو ۾ قيد ٿيل منظر سامهون اچي ويا آهن ته ڪهڙي طريقي سان ڀارتي فوجين سينيئر اڳواڻ جي گهر ۾ گهڙي ان جو لاش ڦر ڪيو آهي ۽ پنهنجي طريقي سان ان کي دفنايو آهي، سيد علي گيلاني جي خاص نمائندي عبدالله گيلاني مطابق ڀارتي فوجين سيد علي گيلاني جو لاش زبردستي گهر مان کڻي سندس وارثن تي تشدد ڪري کين ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، وارثن جي خواهش هئي ته آزادي پسند اڳواڻ کي مزار شهداءَ قبرستان ۾ دفنايو وڃي، پر ڀارتي فوجين جي رات جي اوندهه ۾ سينيئر اڳواڻ جو لاش حيدرپورا قبرستان ۾ دفنايو، نه رڳو ايترو پر ڀارت جي خوف جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ڪشميرين جي محبوب اڳواڻ جي آخري رسمن کي محدود ڪرڻ لاءِ سڄي واديءَ کي بند ڪيو ويو ۽ ڪرفيو لاڳو ڪري مواصلاتي رابطا معطل ڪيا ويا، سيد علي گيلاني جي موت ڀارتي ميڊيا جو چهرو به چٽو ڪري ڇڏيو، ڇو ته ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته سيد علي گيلاني جي تدفين فورسز جي سيڪيورٽي ۾ حيدرپورا قبرستان ۾ ڪئي وئي آهي، هوڏانهن ڪشمير جي آزادي پسند اڳواڻ جو زبردستي لاش کڻي وڃڻ واري عمل تي جتي دنيا خاموش آهي اتي پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سميت سياسي سماجي اڳواڻن سخت مذمت ڪئي آهي.