قاسم آباد (ويب ڊيسڪ) قاسم آباد جي الشهباز ڪالوني جو ٽرانسفارمر سڙي ويو، چئن ڏينهن رهواسي اوندهه جي لپيٽ سڙيل ٽرانسفارمر چار ڏينهن گذرڻ باوجود به نه ٺهي سگهيو، رهواسي سخت گرمي ۾ گذارڻ لڳا، قاسم آباد جي الشهباز ڪالوني واسين سماجي اڳواڻ ممتاز علي رند، گل محمد گاڏهي، اڪبر ٽالپر ۽ نديم ميمڻ شير محمد حاجياڻي ۽ ٻين دانهندي چيو ته هر مهيني ٽرانسفارمر جو سڙڻ جو آزار آهي، هر مهيني ڪالوني واسي گهر گهر مان چندو ڪري، واپڊا وارن کي رقم ڏيو ته تڏهن به ٽرانسفارمر جي ٺهڻ ۾ هفتن جا هفتا لڳايا وڃن، قاسم آباد الشهباز ڪالوني جي رهواسين حيسڪو چيف ۽ چونڊيل نمائمندن کان مطالبوڪيو آهي ته هر مهيني سڙي ويندڙ ٽرانسفارمر جي واقعي جي آزار جو نوٽيس وٺي واپڊا جي عملدارن جي آزار کان بچايو وڃي.
