خيرپور (ويب ڊيسڪ) ڪنب ۾ پوليس گردي، اهلڪارن فرياد ڌر جا 2 شاگرد کنڀي گم ڪري ڇڏيا، خيرپور ۾ احتجاج. ان سلسلي ۾ ڳوٺ نور بوزدار واسين اسحاق چنا، يعقوب، محمد ياسين ۽ ٻين خيرپور پهچي صحافين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي الزام هنيو ته برادريءَ جي گل حسن، ڊاڪٽر سڪندر، اصغر، سرور، ايوب، اسماعيل ۽ اڪبر چنا اسان جي ڳوٺ نور بوزدار ۾ اباڻن گهرن تي قبضو ڪري ورتو آهي. هنن چيو ته اسان اهڙي عمل خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو ته جوابدارن هٿ کڻائڻ لاءِ فريادي اسحاق چنا کي اغوا ڪري ٻن ڪلاڪن تائين اوطاق تي کڻي وڃي تشدد جو نشانو بڻايو، دانهن تي ڳوٺاڻا پهچڻ بعد جوابدار ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا. هنن چيو ته اسان ڪنب ٿاڻي تي اهڙي اين سي داخل ڪرائي پر ڪنب پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي بدران اسان جي ستين ڪلاس جي ٻن شاگردن يوسف ۽ علي محمد کي کنڀي گم ڪيو آهي. هنن چيو ته ڪنب جا اهلڪار جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهن، نوٽيس وٺي ايس ايڇ او ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪري شاگرد بازياب ڪرايا وڃن.
134