خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور قومي شاهراهه تي ٻن روڊ حادثن ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت. ان سلسلي ۾ ٺيڙهي ڀرسان چنگچي ڪلٽي ٿيڻ سبب ڏٻر پاڙي واسڻ رحيمان زال خان محمد سولنگي فوت ٿي، جڏهن ته افشان، مريم، مومل ۽ پروشا سولنگي زخمي ٿي پيون، جن کي سول اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. هوڏانهن ٻئي حادثي ۾ ٽرالر جي ٽڪر سبب موٽرسائيڪل سوار ٺيڙهي واسي حبيب الله ميمڻ به موقعي تي دم ڏئي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته موٽرسائيڪل ٽرالر جي هيٺان اچڻ سبب حبيب الله ميمڻ چيڀاٽجي فوت ٿيو ۽ سندس لاش به چچرجي ويو. آخري اطلاعن تائين حادثن جا ڪيس داخل نه ٿيا هئا.
133