اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلاآباد ۾ برطانيا جي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب پر ڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، برطانوي پرڏيهي وزير افغانستان جي لاءِ امداد وڌائڻ جو اعلان ڪيو، هن چيو ته افغانستان جي لاءِ 3 ڪروڙ پائونڊ امداد ڏني ويندي، ٻئي طرف برطانوي پر ڏيهي وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي، پر ڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان ۾ڪيترائي ڌڙا آهن، اسان سڀني سان گڏ هلڻ چاهيون ٿا،روزانو 20 کان 25 ماڻهن جي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اچ وڃ جاري آهي، ڪنهن سان ته سرڪاري سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي، هن چيو ته برطانيا جي پرڏيهي وزير سان گڏيل لاڳاپن ۽ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، معاملن کي ڏسون پيان، ٻئي طرف برطانوي پر ڏيهي وزير ڊومينڪ راب چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون، طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ وقت کان اڳ آهي، هن چيو ته طالبان تيزي سان افغانستان تي قبضو ڪيو آهي، ان تي دنيا حيران آهي.
