اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري وفاقي وزير شيريرن مزاري چيو آهي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا خاڪ مثالي آهن، واشنگٽن 2018 کان سفير ئي پاڪستان ناهي موڪليو، رپورٽ موجب، اسلام آباد ۾ سينٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، وفاقي وزير شيرين مزاري کان آمريڪا لاڳاپن بابت سوال ڪيا ويا، سينٽرير مشاهد حسين ڀڇاڻو ڪيو ته پاڪستان تي غلطن الزامن جو معاملو آمريڪا آڏو ڇو نٿا اٿاريو؟ اڄڪهه ته حڪومت جا آمريڪا سان مثالي لاڳاپا آهن، جنهن تي شيرين مزاري چيو ته لاڳاپا خاڪ مثالي آهن، 2018 کان هن وقت تائين آمريڪا پنهنجو سفير پاڪستان ناهي موڪليو، آمريڪا پاڪستان تي غلط الزام هنيو آهي، ان کي ڏسو پيا،چائلڊ سولجر لسٽ تي بچاءُ وزارت سان گڏجي قدم کڻون پيا، گڏيل قومن جي چارٽر تي عمل درآمد ڪري رهيا آهيون.
