113

افغان طالبان تي اثر رسوخ آهي، ڪنٽرول ناهي، اهڙي صورتحال ناهي جو ماڻهو ملڪ ڇڏين: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته افغان طالبان تي اثر رسوخ آهي، ڪنٽرول ناهي، اهڙي صورتحال ناهي جو ماڻهو ملڪ ڇڏين، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اڃا تائين افغان مهاجر به پاڪستان  ۾ داخل ناهن ٿيا، اسان چاهيون ته اتي حالتون مسحتڪم رهن، امن امان ٿئي،اسان ڪوشش ڪري رهيان آهيون ته ڪابل ائيرپورٽ جلد کلي وڃي ۽ اڏامون پنهنجن منزلن ڏانهن روانيون ٿين،  هن چيو ته افغانستان جي معاملي تي پاڪستان جي تجويز کي نه اڳ ۾ ڪڏهن ٻڌو ويو هو ۽ نه وري اشرف غني عمل ڪيو،وزير اعظم عمران خان جي اشرف غني ڪا به تجويز نه مڃي هئي، هاڻي حالتون سڀني جي آڏو آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو