105

ڪراچي ۾ انتهائي تيز برسات، روڊ رستا ۽ علائقا ٻڏي ويا، شهري ٻوڏ جو خدشو، بجلي بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ انتهائي تيز برسات، روڊ رستا ۽ علائقا ٻڏي ويا، شهري ٻوڏ جو خدشو، بجلي بند، رپورٽ موجب ڪراچي جي مختلف  علائقن  نيپا چورنگي، نانگن چورنگي، شاهراه  فيصل، ڊفينس، صدر، نرسري، ملير ۽ ماڊل ڪالوني ۾ تيز برسات پئي، جڏهن ته غريب آباد، نارٿ ناظم آباد، گلستان جوهر، موسميات ڪلفٽن، يونيورسٽي روڊ، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ تيز برسات پئي، تيز برسات پوڻ جي ڪري شهر جا روڊ رستا پاڻي سان ڀرجي ويا، ڪيترن ئي رهائشي علائقن ۾پاڻي بيهجي ويو آهي، هوڏانهن  موسميات کاتي اڄ به وڌيڪ تيز برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته شهري ٻوڏ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو