ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت نئين وقتي قائم ٿيڻ جو اعلان هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. نئين حڪومت جي 25 ڄڻن تي ٻڌل ڪابينا تيار ڪئي وئي آهي. نئين حڪومت جو اعلان جمع ڏينهن جمع جي نماز کان پوءِ ٿيڻو هو جنهن لاءِ اجلاس پڻ گهرايو ويو هو پر اوچتو ان کي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو ويو. ٻڌايو ويو آهي ته نئين وقتي حڪومت جو سربراهه ملا عبدالغني برادر ڪابل ۾ رهي حڪومت ڪندو، جڏهن ته نگران اعليٰ طالبان جو امير هبة الله اخوندزاده قندهار ۾ئي رهي ضروري هدايتون ڏيندو رهندو. ڪجهه اطلاع هئا ته حڪومت جو گادي وارو هنڌ ڪابل مان بدلائي قندهار کي ڪيو ويندو پر طالبان ان جي ترديد ڪري ڪابل کي ئي گادي جو هنڌ برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. نئين وقتي حڪومت ۾ عبدالله عبدالله، حامد ڪرزئي، گلبدين حڪمت يار کي به شامل ڪر ڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ان جي ڪابينا 25 ڄڻن تي ٻڌل هوندي جنهن ۾ شير محمد عباس استانڪزئي، ذبيح الله مجاهد، ۽سراج الدين حقاني شامل هوندا، جڏهن ته ملا عبدالسلام ضعيف کي پاڪستان ۾ سفير مقرر ڪيو ويندو. ان کان علاوه مشاورتي شوريٰ ۾ 12 ديني عالم پڻ شامل ٿيندا. مستقل حڪومت جو ڍانچو ۽ آئين ٺاهڻ بابت مشاورت لاءِ 6 کان 8 مهينن اندر لويا جرگو ٿيندو.
