121

پاڪستان افغان مهاجرن کي پناهه ڏيندو يا نه؟ وفاقي وزيرن جا متضاد بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغان مهاجرن کي پناهه ڏيندو يا نه؟ وفاقي وزيرن جا متضاد بيان سامهون آيا آهن،  وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد واضع طور تي چيو آهي ته افغانستان مان ڪوبه مهاجر پاڪستان نه اچي رهيو آهي، جڏهن ته قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته پاڪستان وڌيڪ پناهگيرن کي نٿو رکي سگهي، مهاجر جي پکڙجڻ سان دهشتگردي کي به پکڙجڻ جو موقعو ملندو، جڏهن وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته چوڻ سولو آهي، انساني بحران ۾ عورتن ۽ ٻارڙن کي بي سهارا نٿو ڇڏي سگهجي، پاڪستان سندن ضرور مدد ڪندو،افغان مهاجر  اڃا تائين پاڪستان ۾ داخل ناهن ٿيا، جيڪڏهن آيا ته انهن کي سرحدن تائين محدود ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو