125

پي ٽي آءِ ڌرڻي خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو هو، نواز شريف کين اچڻ جي اجازت ڏني: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهروزير ۽ مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ چوڌري نثار چيو آهي ته  پي ٽي آءِ ڌرڻي خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو هو، نواز شريف کين اچڻ جي اجازت ڏني، هڪ خانگي ٽي وي جي صحافي سليم صافي کي انٽرويو ڏيندي چوڌري نثار چيو ته عمران خان ۽ طاهر القادري جي ڌرڻن جي خلاف رينجرس، ايف سي ۽ پوليس کي ڪاروائي جو حڪم ڏنو هو، مان نه پيو چاهيان ته ڌرڻو آبپاره کان هڪ انچ اڳيان اچي، نواز شريف منهنجي مرضي جي خلاف کين ريڊ زون ۾ اچڻ جي اجازت ڏني،چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته مونکان ڀڇا کانسواءِ فيصلو ڪرڻ تي مون استعيفا ڏئي ڇڏي، نواز شريف کان ان ڳالهه کان وٺي اختلاف شروع ٿيا هئا، نواز شريف رڳو اپوزيشن ۾ هوندو آهي ته سولين بالادستي چاهيندو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو