131

سپريم ڪورٽ ٻاهران برطرف ڪيل شخص پاران خودڪشي جي ڪوشش

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ٻاهران برطرف ڪيل شخص ڌيئرن سان گڏ خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، رپورٽ موجب نيشنل هاءِ اٿارٽي مان برطرف ڪيل وحيد مستوئي ڌيئرن سميت سپريم ڪورٽ ٻاهران خودڪشي جي  ڪوشش ڪئي، موقعي  تي موجود پوليس اهلڪارن کيس انتهائي قدم کڻڻ کان روڪي ورتو، ماچس تيل جي بوتل ۽ موٽرسائيڪل قبضي ۾ وٺي ڇڏي، ان موقعي دانهيندي وحيد مستوئي چيو ته نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، بيروزگاري سبب پريشاني کي منهن ڏيان ڏئي رهيو آهيان، ان ڪري انتهائي قدم کنيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو