ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نااهل نالائق ۽ سليڪٽڊ حڪومت غريب ماڻهن جو روزگار کسي ورتو آهي، موجوده حڪومت مان عوام کي چڱائي جي ڪابه اميد نظر نه ٿي اچي. اهڙو اظهار هن اوٻاوڙو ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ سينٽر ڄام مهتاب حسين ڏهر جي رهائش بشير آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پوري ملڪ جو عوام عمران خان واري مهانگائي جي طوفان ۾ ٻڏي رهيو آهي، اسان کي هاڻي هن نااهل نالائق سليڪٽڊ حڪومت کان جان ڇڏائڻي آهي. ملڪ جو عوام نيازي حڪومت کان تنگ ٿي چڪو آهي. جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي ته پ پ حڪومت غريب ماڻهن کي گهر ۽ روزگار ڏنو، پ پ حڪومت غريب عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پرگرام ڏنو جنهن جي ڪري لکين خاندانن کي روزگار مليو. جڏهن پ پ حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو ته جنهن تي ان وقت جي اپوزيشن اڳواڻن ويهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مخالفت ڪئي جڏهن انهن جون حڪومتون آيون ته پ پ جي نظريي کي جاري رکڻ تي مجبور ٿي ويا. جن کي عوام جو ڪو احساس ئي نه آهي انهن پروگرام جو نالو مٽائي احساس رکي ڇڏيو پر کين خبر هجڻ گهرجي ته بينظير ڀٽو کي ڪنهن به صورت ۾ عوام جي دلين مان نٿو ڪڍي سگهجي. هن چيو ته عورتن کي مضبوط ڪنداسين ته گهر مضبوط ٿيندا اهڙي طرح ملڪ مضبوط ٿيندو ان ڪري سندن خواب آهي ته سموري ملڪ جي عورتن جو مستقبل تبديل ڪري سگهجي. هن چيو ته گهوٽڪي جو عوام هميشه پ پ جو ساٿ ڏنو آهي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنندڙ وفاقي حڪومت خلاف پ پ جي صوبائي قيادت پاران پوري سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، گهوٽڪي ۾ رٿيل احتجاج ۾ اتان جو عوام ڀرپور نموني شرڪت ڪري. حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پ پ هڪ خاندان آهي جنهن لاءِ منهنجو ڄام مهتاب حسين ڏهر سان پارٽي جو نه پر خانداني تعلق آهي هن چيو ته آئون بشير آباد کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهان ٿو.
