147

ننگرپارڪر ڀرسان پاڻي جي ٽانڪي ڦاٽي پئي، 2 ٻارڙا ملبي هيٺان دٻجي فوت، 2 زخمي

ڏانو ڌانڌل (ويب ڊيسڪ)ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ گرياڻو ۾ ثمر پمپ جي پاڻي جي ٽانڪي ڌماڪي سان ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ٽانڪي جي پاسي ۾ راند ڪندڙ 4 معصوم ٻارڙا دٻجي زخمي ٿي پيا، چار ٻارڙن کي بروقت وارثن پھچي ٽانڪي جي ڪريل ديوارن ھيٺان زخمي حالت ۾ ڪڍي انھن کي کڻائي ڏانوڌاندل ھيلٿ سينٽر آندو، جتان کان ايمبولنس ذريعي چئني ٻارڙن کي تعلقه اسپتال آندو پئي ويو ته ھڪ ٻارڙو 13 ساله نينگر ظفر ولد مشتاق ٿيٻو فوت ٿي ويو، جڏھن ته ھڪ 6 ساله نينگري گل ناز ولد سراج الدين ٿيٻو اسپتال ۾ علاج دوران ڌم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏھن ته 4 ساله نينگر گل بھار ۽ آصف ولد مانجھي جي حالت خطري کان ٻاھر ھئي، جنن جو علاج ھلندڙ آهي، زخمي ۽ فوت ٿيل نينگر سان گڏ آيل سندس مائرون ۽ پيءُ اسپتال اندر اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪري روئيندا رھيا، ٻنھي فوت ٿيل نينگر ۽ نينگري جو لاش ڳوٺ پھچڻ تي گھرن ۾ ڪھران مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو