سکر (ويب ڊيسڪ ) پ پ ايم اين اي خورشيد احمد شاهه ٻن سالن بعد جيل منتقل. ان سلسلي ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ علاج هيٺ پ پ اڳواڻ کي جيل منتقل ڪيو ويو. پ پ ايم اين اي جو وڏو پٽ ايم پي اي فرخ شاهه پڻ ساڳئي ريفرنس ۾ جيل ۾ آهي. هوڏانهن خورشيد شاهه جي جيل منتقليءَ بعد وڪيلن سندس ضمانت لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته پ پ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه جون ضمانت لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنل درخواستون سندس جيل ۾ نه هجڻ سبب رد ٿيون. هن ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن بعد هُن پاڻ خواهش جو اظهار ڪيو ته کيس جيل منتقل ڪيو وڃي، جيئن سندس ضمانت ٿي سگهي، سندس خواهش تي کيس جيل موڪليو ويو آهي.
