اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نظام بدلجڻ ۾ وقت لڳندو پر مائنڊ سيٽ بدلائڻ جو ۡم شروع ڪري ڇڏيو آهي، تعميراتي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، ملڪ جي عام ماڻهو کي معاشي طور تي بهتر ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، پراپرٽي، هائوسنگ ۽ ڪنسٽرڪشن نمائش 2021ع تعميراتي شعبي ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا اجاگر ڪندي، تعميراتي صنعت جي مسئلن کي ختم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمع ڏينهن پاڪستان پراپرٽي، هائوسنگ ۽ ڪنسٽرڪشن ايڪسپو 2021ع جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته تبديلي ڪا بٽن دٻائڻ سان نه اچي ويندي آهي، نظام بدلجڻ ۾ وقت لڳندو پر مائنڊ سيٽ بدلائڻ جو ۡڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جي ڪمزور ۽ غريب طبقي کي غربت مان ڪڍڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، دنيا ۾ ڪو به ملڪ ان وقت تائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيستائين ان ۾ هڪ ننڍو طبقو امير ۽ باقي غريبن جو سمنڊ هجي، ماضي جي حڪومتن عام ماڻهو جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسي اها آهي ته اسان ان طبقي کي اڳتي وٺي اچون جنهن کي 70 سالن کان نظرانداز ڪيو ويندو رهيو، اسان کي چين جي ترقي جي ماڊل کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪورونا دوران اسان تعميراتي شعبي کي کليل رکڻ جي اجازت ڏني ڇو جڏهن لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ٿو ته عام ماڻهو، پورهيت طبقو يا ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته جڏهن سڌارن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته اهو هڪ جدوجهد جو نالو آهي، نظام ۾ تبديلي ڪرڻي هوندي آهي، اڄ پاڪستان ۾ سوچ تبديل ٿي رهي آهي.

Awam bukh tho mary bar talleem khan mehroom