ليکڪ: محمد خالد ميمڻ
هڪ ڏينهن دڪان تي ويٺو هئس ته هڪ معذور نينگر هٿ واري هڪ ڀڳل چين نڪتل سائيڪل جنهن ان کان به عمر ۾ ننڍو ٻار ڌڪي هلائي رهيو هو اچي دڪان سامهون بيٺو، مون ان کي ڪجھه پيسا ڪڍي ڏنا ته اهو نينگر سائيڪل تان لهي گهوڙين تي هلندو منڊڪائيندو دڪان اندر هليو آيو ۽ چيائين ته منهنجو نالو غلام مرتضي پٽ شمن مڱڻھار آھي مان ڦل ڀرسان سڌوجا شھر ۾ رهندو آھيان ننڍي هوندي منهنجي مٿان هڪ ٽرالر چڙهي ويو هو جنهن جي ڪري منهنجي ڄنگھه پير سميت ۽ هڪ ٻانهن پڻ ٽٽي پئي هئي ۽ غربت سبب علاج نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي سال گذرڻ باوجود اڃان تائين پير ۾ ڦٽ آھي ۽ پير ڦري ويو آھي ۽ مان معذور ٿي ويو آھيان مون کي خيرات نه پر هٿ سان هلائڻ واري سائيڪل کپي ته جيئن مان آساني سان گهمي ڦري سگهان، ان لاءِ مان هتي آيو آھيان مون کيس چيو ته سائيڪل اها اٿئي ته سهي ته هن جواب ڏنو ته مان سڌوجا شھر جو آھيان ۽ هتي ڦل شھر اچي هڪ الله لوڪ انسان کان هي عارضي طور وٺي ايندو آھيان ۽ وري واپس ڪري ڇڏيندو آھيان مون کيس چيو ته ٻئي دفعي اچجان ائين هو ٻئي دفعي آيو ته به مون هن کي واپس ڪري ڇڏيو، نيٺ ٽيون دفعو آيو ته مون هن کي چيو ته مان تنهنجي وڊيو ڀري سوشل ميڊيا اخبارن وغيره تي هلايان ٿو وڌيڪ تنهنجي قسمت ان چيو ته ٺيڪ آھي چاچا هلايو ۽ ائين مان سندس وڊيو ڀري جنهن ۾ هن مخير حضرات ۽ سرڪار کي سائيڪل وٺي ڏيڻ لاءِ مالي مدد جي اپيل ڪئي ۽ مون اها پوسٽ سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ هلائي، مختلف دوستن ڏي واٽس اپ به ڪيم ته هڪ ڪلاڪ جي اندر دبئي ۾ رهندڙ ڦل واسي هڪ دوست عجيب علي لغاري فون ڪئي ۽ چيائين ته مان پيسا موڪليان ٿو اوهان هن نينگر کي سائيڪل وٺي ڏيو ۽ هن پيسا به جلد ئي موڪلي ڇڏيا ته مٿان وري هڪ ٻئي دوست به فون ڪئي ۽ چيائين ته مان هن کي سائيڪل وٺي ڏيڻ لاءِ صحت کاتي جي هڪ وڏي آفيسر کي چيو آھي جنهن چيو آھي ته سائيڪل جا پيسا مان موڪليان ٿو ان کي وٺي ڏيو ۽ نينگر جو علاج به سرڪاري سطح تي ڪرايان ٿو، مون کيس چيو ته الحمدالله نينگر جي لاءِ سائيڪل جو بندوبست ٿي ويو آھي باقي هن جو علاج ڪرايو ۽ ائين وري اسان سگا برانچ ڦل جي دوستن ۽ ان ڊاڪٽر دوست گڏجي صلاح ڪئي ته ان نينگر کي ان پنڻ واري عادت کان بچايون ۽ اها عادت ڇڏائڻ لاءِ ڪائونسلنگ ڪيون، پوءِ ان کي مون سمجهايو ان ڊاڪٽر صاحب وڊيو واٽس اپ ذريعي هن سان ڳالهائي سمجهايو ته نينگر چيو ته مان پاڻ ان پنڻ واري عادت کان بيزار آھيان، پر ڇا ڪيان مجبوري آھي منهنجو پيءُ ٻي شادي ڪري منهنجي امڙ کي ڇڏي هليو ويو آھي، هڪ ڀاءَ آھي جيڪو دهل وڄائي ڪجهھ پيسا ڪمائي ايندو آھي ۽ مان پني ڪري گهر جو خرچ پورو ڪندا آھيون، هن ٻڌايو ته منهنجون 4 ڀينرون آھن جن مان ٽن جي شادي ٿيل آھي باقي هڪ ڀيڻ به آھي انڪري مان مجبورن پنندو آھيان، هن اسڪول پڙھڻ بابت ٻڌايو ته مان اسڪول ۾پڙهندو هئس پر استاد چيو ته جيستائين تنهنجي پير جو زخم ٺيڪ نه ٿئي تون اسڪول نه ايندو ڪر انڪري مان اسڪول ڪونه ويندو آھيان، هن چيو ته مون کي ٻيو هنر ته ڪونه ايندو آهي پر جيڪڏهن دڪان کولي ڏيو ته مان اهو هلائيندس ۽ پنڻ به ڇڏي ڏيندس سو ان جي لاءِ به مخير ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ سگا برانچ ڦل جي ساٿين پڻ مدد جو واعدو ڪيو آھي، انشاء الله نينگر جو اهو ڪم به ٿي ويندو ۽ کيس پنڻ واري عادت کان بچائي سندس علاج ڪرائي کيس دڪان کولي ڏيڻ ۽ علاج کان بعد کيس اسڪول موڪلڻ جو مڪمل پلان به تيار ڪيو آھي، هاڻي سوچڻ جي ڳالھه اها آھي ته ڇا هن شاهوڪار سنڌ ۾ رڳو هڪ مسڪين غريب معذور نينگر مرتضيٰ مڱڻھار آھي جنهن کي اسان سيٽ ڪري ڪن هيٺان ويهاڻو ڏئي سڪون سان ويهي رهون؟ نه بلڪل به نه ڇاڪاڻ ته اهڙا هزارين مرتضيٰ آھن جيڪي غربت، مسڪيني حال ۽ معذوري جي ڪري مجبورن هڪ ته اسڪول کان ٻاهر آھن ٻيو ته دنيا آڏو هٿ ٽنگڻ تي پڻ مجبور آھن ۽ اهڙن ٻارڙن کي ڪير به اڪيلوفرد يا ڪا هڪ اين جي اوز اسڪول موڪلي يا انهن کي پنڻ کان بچائي کين ڪو هنر سيکاري روزگار سان نه ٿي لڳائي سگهي، اهو ڪنهن اڪيلي ماڻهو يا ڪجهھ تنظيمن جي وس جو ڪم نه آھي، ان لاءِ اسان جي پاڪستان جي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار کي اک پٽڻي پوندي ۽ کين غريبن، مسڪينن، معذورن ۽ مستحق ننڍڙن ٻارڙن سميت سڀني ضرورتمند مردن ۽ عورتن جي سچائي ايمانداري سان ڊيٽا گڏ ڪري بنا سياست جي انهن کي بنا ڪنهن وياج جي قرض ڏي انهن کي روزگار سان لڳائي هڪ بهترين شھري بنائڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن، جيئن بنگلاديش جهڙي ملڪ سميت ٻين ملڪن ۾ پڻ اهڙيون بئنڪون کولي ڪاروبار کولڻ جي لاءِ بنا وياج جي قرض ڏئي کين پنڻ کان بچايو ويو آھي، سرڪار کي گهرجي ته بيروزگارن کي اهڙا بنا وياج وارا قرض ڏئي ۽ احساس پروگرام يا بينظير انڪم سپورٽ جي نالي جيڪا خيرات ڏئي فقير بنايو ٿو وڃي اهو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي ڇو ته خيرات گهري پنهنجو پيٽ پاليندڙ ڪوبه انسان ڪڏهن به ملڪ جي ترقي ۾ حصيدار نه ٿو ٿي سگهي،ان جي لاءِ وفاقي ۽ سنڌ سرڪار طرفان اهڙا پروگرام صرف رڪارڊ ۾ ڏيکاريا ته وڃن ٿا پر حقيقت ۾ اهڙن پروگرامن جو ڪوبه وجود ناهي هوندو جيڪڏهن ڪٿي هوندو به آھي ته اهو سياست جي نذر ٿي ويندو آهي.