ليکڪ: رياض سهيل
آئون رڍن آڏو بين وڄائڻ نٿو چاهيان، سردار عطاءُ الله مينگل جو اهو بنا ڪنهن رک رکاءَ جي سڌو جواب هو، جڏهن مون کيس ڪجهه سال اڳ انٽرويو ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي، ان جواب کانپوءِ سندس گهر وڃي پهتس ۽ انٽرويو نه ڏيڻ جو سبب ڄاڻڻ چاهيو ته هن چيو ته هاڻ انڌن، گونگن ۽ ٻوڙن آڏو ڇو دانهون ڪيون، ڇو ته ڪنهن تي ڪو فرق نٿو پوي، عطاءُ الله مينگل جمعي واري رات جو ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ڪافي عرصي کان سندس طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ سندس هڪ نجي اسپتال ۾ دل جو آپريشن به ڪيو ويو هو، سردار عطاءُ الله بلوچستان جو پهريون چونڊيل وزيراعليٰ ۽ بلوچستان جي قومپرست سياست جو چوٿون ٿنڀ هو، جيڪو پنهنجي تلخ ۽ اصول پرست سياست سبب ذاتي المين ۽ صدمن مان به گذريو، سردار عطاءُ الله مينگل جي پيدائش خضدار جي علائقي وڍ ۾ سردار رسول بخش مينگل جي گهر ۾ ٿي، سندس تعلق شاهزئي مينگل قبيلي سان هو، هن جي والد جو سياست سان ڪو به تعلق نه هو، پر ان جو جهڪاءُ قلات رياست بدران ڄام آف لسٻيلا طرف هو، چيف آف جهالاوان ۽ قلات رياست سان اختلافن سبب کين خضدار مان بيدخل ڪيو ويو هو ۽ هنن ٻيلا ۾ رهائش ۾ اختيار ڪئي، سردار عطاءُ الله مينگل شروعاتي تعليم مقامي طور تي جڏهن ته وڌيڪ تعليم اسلاميه ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي، هو ننڍي عمر ۾ پنهنجي شاهزئي مينگل قبيلي جو سردار ٿيو هو، روزاني انتخاب جو ايڊيٽر انور ساجدي ٻڌائي ٿو ته مير غوث بخش خان بزنجي کيس هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته هن خان آف قلات کي سفارش ڪئي هئي ته هي هڪ وڏو قبيلو آهي ان جي سرداري بحال ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ عطاءُ الله مينگل کي سردار بڻايو ويو هو، شاهزئي مينگل سردارن جا قلات رياست ۽ نواب آف جهالاوان سان لاڳاپا سٺا نه رهيا، اختر علي خان بلوچ بلوچستان جي نامور شخصيتن ۾ خان آف قلات امير احمد يار خان جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ان کيس ٻڌايو هو ته اڄ به اهو منظر ناهي وسريو جڏهن ننڍڙي عطاءُ الله جي مٿي تي سرداري جي پڳ ٻڌي هئي، مون مينگلن کي ان جي سرداري تي وڏي محنت کانپوءِ راضي ڪيو هو، راقم کي مير آغا مير حاجي خان ٻڌايو ته ڪراچي جي سيڪنڊري اسڪول مان ننڍڙي عطاءُ الله مينگل کي کڻي قلات آندو ويو ۽ قبيلي جي سردار جي طور تي سندس دستاربندي ڪئي وئي، اهو خطرو پيدا ٿي ويو ته ڪٿي وڍ پهچڻ تي کيس سرداري جو هڪ ٻيو وڏو اميدوار قتل نه ڪرائي ڇڏي، ان ڪري خان آف قلات (جيڪو سندس سنڍو ۽ سئوٽ به هو) نوجوان عطاءُ الله مينگل سان محافظن جي نفري سان گڏ وڍ موڪليو ته اتي وڃي مينگل قبيلي جي سمورن معتبرن کي خان جي فيصلي ۽ قدم کان آگاهه ڪري ۽ سردار عطاءُ الله مينگل جي حفاظت ڪري، سردار عطاءُ الله مينگل جو سياست ۾ اچڻ جو فيصلو به هڪ دلچسپ واقعو آهي، هڪ ملاقات ۾ جڏهن هن کان پڇيو هو ته اوهان سياست ۾ ڪيئن آيئو ته هن پنهنجي جواني جو واقعو ٻڌايو ته 50ع جو ڏهاڪو هو، آئون اڃا صرف سرداري ڪندو هئس ۽ سياست ۾ قدم نه رکيو هو اسان جي ڳوٺ کان مين روڊ تائين رستو نه هو، سو مون ذاتي خرچ سان اهو روڊ ٺهرايو ۽ ان جو افتتاح قلات رياست جي وزيراعظم کان ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو، مقرر ڏينهن تي هو آيو ۽ اسان کيس ڳوٺ وٺي روانا ٿياسين، رستي سان ڪيتريون ئي نديون هيون، جيڪڏهن ڪو ٿورڙو به ڀٽڪي وڃي ته اڳتي وڃي ڦاسي ويندو هو، آئون وفد جي اڳيان وڃي رهيو هئس پر اهو سوچي گاڏي واپس موڙي ته مهمان ڀٽڪي نه وڃن، سردار عطاءُ الله مطابق هو واپس آيو ته ڏٺائين ته مهمان رستو ڀلجي چڪا هئا، هن کين ڪراس ڪيو ۽ پوئتي اچڻ جو چيو، ائين ڳوٺ پهتا، ڳوٺ ۾ کاڌي پيتي جو به انتظام هو، ان وقت جو ڊپٽي ڪمشنر مون وٽ آيو ۽ چيو ته وزيراعظم جي اسسٽنٽ کي ماني کائڻ لاءِ چئو، مون چيو ته دعوت آهي سڀ ماڻهو ماني کائي رهيا آهن، مون ته ڪنهن کي به ناهي چيو، ڊي سي ٻڌايو ته اسسٽنٽ ناراض آهي، جيتوڻيڪ ان بندي سان منهنجي اها پهرين ملاقات هئي، مون پڇيو ته هو ڇو خفا آهي ڊي سي چيو ته هو چوي ٿو ته اوهان ان جي گاڏي کي ڪراس ڪيو آهي، ڊي سي جي ڳالهه ٻڌي مون کي حيدرآباد دکن جي نظام جي ڌيءُ جو قصو ياد اچي ويو ته اها پنهنجي گاڏي ۾ وڃي رهي هئي ته هڪ انگريز عورت جنهن ڪنهن مقامي شخص سان شادي ڪئي هئي جي گاڏي ان کي ڪراس ڪيو، نظام جي ڌيءُ حڪم ڏنو ته ان عورت جي گاڏي ريورس ۾ ان جي گهر تائين پهچائي وڃي، فورس وئي ۽ گاڏي کي اهڙي طرح واپس پهچايو، منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهي وئي ته ڇا هيءَ زمين منهنجي ناهي؟ آئون اجنبي آهيان؟ ان کانپوءِ مون سياست جي شروعات ڪئي ۽ 90ع جي ڏهاڪي تائين اهو سلسلو جاري رهيو. بلوچستان جي ترقي پسند قومپرست اڳواڻ مير غوث بخش بزنجو جو چوڻ هو ته هن ئي سردار عطاءُ الله مينگل کي سياست ۾ اچڻ تي قائل ڪيو هو ۽ سندس مشوري تي ئي هن چونڊن ۾ حصو ورتو، هو 1956ع ۾ اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ۾ ڪامياب ٿيو، ٻن سالن کانپوءِ صدر اسڪندر مرزا آئين کي معطل ڪري مارشل لا لاڳو ڪيو ۽ ائين جنرل ايوب اقتدار تي قابض ٿيو، سردار عطاءُ الله ان مارشل لا جي مخالفت ڪئي ۽ کيس جيل وڃڻو پيو، مير غوث بخش بزنجو ۽ نواب خير بخش مري سان هن بلوچستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي کي پارٽي کي سرگرم ڪيو، 1962ع جي چونڊن ۾ هو قلات ڊويزن ۽ نواب خير بخش مري ڪوئيٽا ڊويزن مان چونڊيا ويا، جڏهن ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو ته انهن ان جي ڀرپور مخالفت ڪئي، انهن ٻنهي اڳواڻن جي جوشيلي ۽ قومپرستاڻين تقريرن نه رڳو بلوچستان پر ڪراچي جي بلوچ نوجوانن ۾ به جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو، ڪراچيءَ ۾ ڪڪري گرائونڊ ۾ سندن جلسو صبح جو 4 وڳي تائين جاري رهيو، ٻئي ڏينهن کين گرفتار ڪيو ويو، رمضان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”بلوچ روشن چهرا“ ۾ لکي ٿو ته عطاءُ الله مينگل جي تقرير اڄ تائين سندس ڪنن ۾ گونجي رهي آهي، هو لياري جي بلوچن جو آئيڊيل بڻجي ويو ۽ اهڙو ڪو گهر نه هوندو جنهن ۾ سندس تصوير نه لڳل هجي. گرفتاري جي ڪجهه هفتن بعد کين آزاد ڪيو ويو ۽ سرڪار جي مدد سان هڪ /بقايا ڏسو صفحي نمبر 02 تي
بزرگ ڪرم خان مينگل کي شاهزئي مينگل قبيلي جو سردار مقرر ڪيو ويو، پر قبيلي جي ماڻهن حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سردار عطاءُ الله، سندس بزرگ والد رسول بخش ۽ ڀاءُ مهرالله مينگل کي گرفتار ڪيو ويو، قتل جي وقت سندن موجودگي پوليس ثابت نه ڪري سگهي، نتيجي ۾ کين ۾ آزاد ڪرڻو پيو ۽ انهن جي سرداري به برقرار رهي. نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽ فارم تان هن 1970ع جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ نواب خير بخش مري، غوث بخش بزنجو ۽ هن جي ٽرائيڪا سندس وزيراعليٰ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ائين هو بلوچستان جو پهريون وزيراعليٰ بڻجي ويو، سندس چونڊ کان اڳ بلوچستان کي صوبي جي حيثيت حاصل نه هئي،ان دور ۾ هن تعليم تي ڌيان ڏنو، بلوچستان جو تعليمي بورڊ، بولان ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪيو، ان عرصي ۾ نواب خير بخش مري بلوچستان مان سرداري نظام جي خاتمي جي قرارداد پيش ڪئي، جنهن جي هن حمايت ڪئي، پر فيصلو وفاقي حڪومت جي اختيار ۾ هو، ان ڪري وفاقي حڪومت ان تي عمل نه ڪيو، سندس حڪومت 10 مهينن اندر ختم ڪئي وئي، سردار عطاءُ الله مينگل سياسي سفر ۾ ذاتي صدمو ڏسڻ وارو پهريون سياستدان هو، هو جڏهن ڪراچي ۾ اسير هو ته سندس پٽ اسد مينگل لاپتا ٿي ويو، ان وقت جي سنڌ جي وزيراعليٰ کي آءِ جي ٻڌايو هو ته سردار عطاءُ الله مينگل جي پٽ کي بلخ شير مزاري جي گهر مان اغوا ڪيو ويو آهي پر اها خبر ناهي ته اغوا ڪندڙ ماڻهو ڪير هئا، غلام مصطفيٰ جتوئي مطابق هڪ اکين ڏٺي شاهد پوليس کي اطلاع ڏنو هو ته اسد مينگل پنهنجي دوست احمد شاهه ڪرد سان گڏ واقعي واري رات بلخ شير مزاري جي گهر آيو هو، بلخ شير مزاري گهر نه هو، چيو وڃي ٿو ته ڪنهن گهر جو دروازو کوليو اسد الله ۽ ان جو دوست اندر وڃي ويٺا ۽ ڪجهه دير ۾ ٻئي ٻاهر نڪتا ۽ پنهنجي ڪار ۾ سوار ٿيا جيئن دروازو بند ٿيو ته گوليون هلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، سال گذري ويا، اسد مينگل جو نه لاش مليو، نه ئي ڪٿان زندهه هجڻ جو پتو پيو، ان جي ڳڻپ بلوچستان مان جبري گم ٿيل پهرئين ڪارڪن طور ٿئي ٿي.