ليکڪ: منصور علي شاهه
سنڌ حڪومت طرفان تازو استادن جي ڀرتيءَ لاءِ نوجوانن جو جوش ۽ تياري ڏسڻ وٽان آهي، 2018 ع ۾ استادن جي ڀرتيءَ ۾ ٿيل ميرٽ نوجوانن ۾ اڃان وڌيڪ محنت جو جذبو پيدا ڪيو آهي، پر ان سان گڏ نوجوانن لاءِ ڪافي مونجھارا به آهن، انهن مونجھارن تي ئي ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ مون قلم جو سهارو ورتو آهي ته جيئن هي آواز وس وارن عملدارن وٽ پهچي ۽ جيڪي نوجوانن جا مونجھارا آهن اهي دور ٿين، وضاحت لکڻ کان پهريان هڪ ڳالهه واضع ڪندو هلان ته منهنجو مقصد قطعي طور ڪنهن اداري تي تنقيد ڪرڻ نه آهي، اشتهار موجب اِهي ماستريءَ جون ٽيسٽون سنڌ جو بهترين ساک رکندڙ ادارو آءِ بي اي وٺي رهيو آهي،جنهن 2018 ۾ ٿيل استادن جي ڀرتيءَ جون ٽيسٽون پڻ ورتيون هيون ۽ انهن ڀرتين ۾ ٿيل ميرٽ جا چرچا جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ ان وقت جي تعليم جي وزير جو پڻ اهم ڪردار شامل آهي،اڃان تائين ڳائجي رهيا آهن، پر هن دفعي آءِ بي اي طرفان جاري ڪيل سيمپل پيپرز ۾ ڪجهھ مونجھارا آهن جن جو ذڪر منهنجي هن تحرير جو مقصد آهي ۽ هي تحرير لکڻ کان پهريان آءُ ڪافي دوستن، استادن، يونيورسٽيز جي پروفيسرن ۽ ڪجهھ رٽائرڊ پروفيسرن سان بحث ۽ مشورا ڪري چڪو آهيان،نوجوانن جو پهريون مونجھارو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن ۾ ٿيل غلطيون آهن، پهرئين درجي کان وٺي تقريبن اٺين درجي تائين پر خاص ڪري پهرئين کان ٽئين درجي تائين نظم ۽ بيت جو فرق نه رکيو ويو آهي، سنڌٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن ۾ ٽئين درجي تائين جن کي بيت ظاهر ڪيو ويو آهي انهن ۾ ڪافي نظم به آهن، آءِ بي اي جي پي ايس ٽي جي جاري ڪيل سيمپل پيپر ۾ اهڙي قسم جو سوال به آيل آهي،”ننڍڙيءَ گڏڙيءَ کي پرڻايون“ هي سٽون شاعريءَ جي ڪهڙي صنف سان واسطو رکن ٿيون،ان جا آپشن آهن (بيت،گيت،سهرو،نظم)هاڻ ڏنل آپشنس مان ” گيت “ کانسواءِ ٻيا سڀ آپشن درست تسليم ڪري سگھجن ٿا ڪجھه پروفيسرن آپشن بيت کي به غلط قرار ڏنو ڇو جو بيت جو ن گھرجون ان ۾ پوريون نه آهن، اهڙي نموني ڪلاس ستين جي سنڌيءَ جي ڪتاب جي پٺيان سبقن جا ڏکيا لفظ ۽ انهن جي معنٰي ڏنل آهي،ان ۾ به ڪافي غلطيون آهن، جيئن ستين ڪلاس جي پهرئين سبق حمد جي معنٰي ۾ پهريون پهريون لفظ”بتائج“ درج آهي ۽ ان جون ٽي معنائون ڏنل آهن،” ٻڌائج،ڏيکارج،ڏس،ڏجائين“ هاڻي ٻڌائج ۽ ڏيکارج ۾ وڏو فرق آهي يا هزارين پتيءَ تي وڃي ڪٿي نه ڪٿي متان استعمال ٿين جيڪڏهن اهو سوال پيپر ۾ رکيو وڃي ته لفظ “بتائج جي معنيٰ ڪهڙي آهي ۽ ٻيا ڪجهھ آپشن ۽ انهن سان گڏ ڏيکارج جو آپشن ڏنو وڃي ۽ Key ۾ به اهو درست رکيو وڃي ۽ جواز به اهو ڄاڻايو وڃي ته ڪتاب ۾ اها معنٰي ڏنل آهي ته منهنجو خيال آهي 100 مان 3 يا چار ۽انهن مان به هڪ ٻه ڌُڪي يا رٽي تي ٽڪ ڪندا، ساڳي ئي پي ايس ٽي جي سيمپل پيپر جي هڪ سوال ۾ ڪانءَ ۽ جھرڪيءَ جي عبارت ڏئي سوال ڪيل آهي ته هي عبارت ڪهڙي صنف سان واسطو رکي ٿي ان ۾ آپشن (ڪهاڻي، قصو،لوڪ ڪهاڻي، آکاڻي) ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ ٻه آپشن بلڪل ساڳيا ڏنا ويا آهن جن ۾ ڪو فرق نه آهي ”ڪهاڻي ۽ آکاڻي“ اهي ٻئي درست آهن، ساڳي ئي نموني انگريزي واري حصي ۾ به هڪ سوال هن نموني ڏنل آهي ته لفظ Perfect جو Synonym پڇيو ويو آهي ۽ آپشنن ۾ ٻه بلڪل هڪجهڙا ڏنا ويا آهن Flawless ۽ Complete آهي، پروفيسرن مطابق لفظ Perfectجا هم معنٰي لفظ آهن، يقينن اوهان سوچيندا ته جملي ۽ ڪنڊيشن مطابق جيڪو درست هجي ته اهو درست تسليم ڪيو ويندو آهي، آخري اهم مونجھارووقت جي گھٽتائي آهي مونکي هن دفعي ٽيسٽ جي لاءِ ڏنل وقت جي صحيح ڄاڻ نه آهي پر گذريل يعني 2018ع ۾ ٿيل ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي اها شڪايت هئي ته وقت صفا ٿورو آهي ۽ هن دفعي ته وري ٻه پيراگيراف ڏنل آهن يعني سنڌي ۽ انگلش جڏهن ته 2018 واري ٽيسٽن ۾ صرف انگلش جو پيراگراف ڏنل هو، ۽ ان کانسواءِ حسابن جو حصو به ڪنهن مضمون کان گھٽ نه هوندو آهي، ان ڪري اميدوارن کي وقت ضرور ڏنو وڃي، آئون ان ڳالهه سان متفق آهيان ٽيسٽ بلڪل معياري هجڻ گھرجي ته لائق ۽ اهل نوجوان قوم جي ٻارن جو مستقبل سنوارين ۽ دلي طور اها به حقيقت آهي ته منهنجي نظر ۾ هن وقت آءِ بي اي کان سواءِ ڪو اهڙو معياري ادارو نه آهي اهو هن وقت سڀني ٽيسٽنگ سروسز کان بهترين ۽ معياري ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جو مثال 2018ع وارا ڀرتي ٿيل بهترين استاد اوهان جي سامهون آهن، اهو سڀ معياري ٽيسٽ جو ئي نتيجو آهي.