123

ميهڙ جي مظلوم جاويد چانڊيو سان انصاف ڪيو وڃي….!

ليکڪ: مير ذوالفقار چانڊيو

ڪجهھ مھينا اڳ ميھڙ شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو جوابدارن جي فائرنگ ۾ غلام عباس چانڊيو ۽ سندس دوست ڀٽو مير جت شھيد ٿي ويا هئا، شھيد غلام عباس چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ  سندس پٽ حافظ جاويد ۽ سندس سؤ ٽ صائما اصغر چانڊيو وڏي بھادريءَ  سان ِ جدوجھد ھلائي ڪڏهن ميھڙ ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ته ڪڏهن وري انڊس ھاءِ وي کي بلاڪ ڪيو، ان سڄي جدوجھد ۾ خاص ڪري صائمه اصغر چانڊيو پنهنجو پاڻ ملهايو ڪڏهن سن جي سيد کي مزار تي دانھن ته ڪڏهن وري مخدوم بلاول جي درگاھه تي حاضري ڀري کين دانھون ڏيندي رهي ته ڪڏهن وري شاھه لطيف جو رسالو کڻي سندس نگري اڳيان احتجاج ڪندي رهي، جنهن جو ھڪ مقصد ھو ته سندس مظلوم چاچي جا قاتل گرفتار ٿين ان سان گڏ سنڌ جي مختلف پريس ڪلبن تي وڃي احتجاج رڪارڊ ڪرايا، ان واقعي کي پنج مھينا گذري وڃڻ باوجود ميھڙ پوليس صرف ھڪ قاتل گرفتار ڪري سگهي آهي، اڃا 4 قاتل پوليس جي پڪڙ کان بچيل آهن ائين کڻي چئجي ته پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيده ئي ناهي يا کڻي چئجي ته جوابدار پوليس کان طاقتور آھن، پر افسوس ته ان ڳالهھ جو آهي جو ميھڙ پوليس انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو پھاڪو سچ ثابت ڪندي پنھنجي جاني بابا جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ مسلسل احتجاج ڪندڙ معزز حافظ جاويد چانڊيو جيڪو پرامن شھري سان گڏ مسجد جو پيش امام آهي ان فقير صفت بزرگ انسان کي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ جيل جي سلاخن پٺيان موڪلي ڇڏيو آهي، جيڪو گذريل ھڪ مھيني کان جيل جون سختيون برداشت ڪري رهيو آهي، اسان جي معاشري ۾ قانون جو الميو ڏسو پيءُ کي شھيد ڪيو ويو ۽ پٽ کي جيل ۾ وڌو ويو اھو آھي قانون جو انصاف ۽ جيڪڏھن اھي ئي مسڪين سڀاڻ پنھنجو انصاف پاڻ ڪن ھا ته وري تڏھن اسان جا نام نهاد سياسي شعوري اڳواڻ قانون جي تقدس جو راڳ آلاپين ھا، پر ھتي ھيڏي وڏي ظلم تي ڇو خاموش آھن ۽ ھي رڳو سنڌ جي مظلوم حافظ جاويد چانڊيو جو مسئلو ناھي مان يقين سان چوان ٿو  ته توھان جي اڄ جي خاموشي سڀاڻي توھان جا ٻچا کائيندي ۽ اڄ جيڪڏهن ناحق حافظ جاويد چانڊيو پوليس جو قيدي بڻيل آهي ته سڀاڻي اسان به ناحق قيدي بڻجي سگھون ٿا، ھي صرف ڪنھن ھڪ خاندان جي جنگ ناھي ھي ناسور بڻيل قبيلائي جھيڙن جي خاتمي جي جنگ آھي، ھي ڪيڏو نه وڏو المناڪ واقعو آهي جو معاشري اندر قانون جا رکوالا عوام جا محافظ فريادي کي جيل جو باندي بڻائي ڇڏين ٿا، ھونءَ به سچ آهي ته پوليس نوڙي مان نانگ ٺاھيندي دير نه ڪندي آهي بلڪل ان مسئلي ۾ ميھڙ پوليس ساڳيو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪا حقيقي قاتلن کي سزا ڏيارڻ بجاءِ مظلومن کي تنگ ڪري رهي آهي، جيڪو عمل غير قانوني آهي ويچارن مظلومن جو ايس ايس پي دادو کان مطالبو آهي ته اسان جي پوري مسئلي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي جيئن مظلوم معزز شھري حافظ جاويد چانڊيو پوليس کان آزادي ماڻي پنهنجي گھر وڃي سگهي ٻئي پاسي ڏسجي ته چانڊيا برادريءَ جي تنظيم سچوا پڻ متاثرن سان ھمدردي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، غلام عباس چانڊيو جي شھادت کان سندس قاتلن جي گرفتاري يا ھاڻي حافظ جاويد چانڊيو جي ناحق قيدي بڻجڻ تائين سچوا جي عھديدارن جو ساٿ نه ھجڻ سبب ويچارا مظلوم وڏين پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، سچوا جي اھڙي خاموشيءَ سان گھڻائي سوال جنم وٺن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو