117

ڪورونا ڪيس، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ وري اسڪول بند

ايڊيٽوريل

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کانپوءِ اسلام آباد سميت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي 24 ضلعن ۾ اڄ کان 12 سيپٽمبر تائين نيون پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن. وزيراعظم عمران خان کي وفاقي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ اين سي او سي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ ٻڌايو ته ڪورونا جي وڌيڪ متاثر علائقن ۾ اڄ کان 12 سيپٽمبر تائين وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪيون پيون وڃن. اين سي او سي مطابق وبا جي وڌيڪ پکيڙ وارن شهرن ۾ انٽرسٽي ٽرانسپورٽ، انڊور ۽ آئوٽ ڊور سمورين تقريبن ۽ انڊور جم تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. شادي جي تقريبن جي اجازت صرف آئوٽ ڊور ۽ 300 ماڻهن تائين مشروط ڪئي وئي آهي. اين سي او سي مطابق سرگوڌا، خوشاب، ميانوالي، رحيم يار خان، خانيوال، فيصل آباد، بکر، گجرات، گجرانوالا، ملتان، بهاولپور، لاهور، راولپنڊي، سيالڪوٽ ۽ شيخوپوره ۾ حفاظتي پابنديون لاڳون ڪيون ويون آهن ۽ پنجاب جا سرڪاري ۽ نجي اسڪول 6 ڏينهن لاءِ بند ڪيا ويا آهن. ڪي پي ڪي ۾ هري پور، مالاڪنڊ، مانسهره، صوابي، ڊي آءِ خان، سوات، ايبٽ آباد ۽ پشاور ۾ به پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن. ڪي پي ڪي جي تعليم واري صوبائي وزير مطابق صوبي جي 8 ضلعن ۾ تعليمي ادارا 6 کان 11 سيپٽمبر تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا جي گهٽ شرح وارن ضلعن ۾ اسڪول کليل رهندا. اسلام آباد ۾ پڻ نيون پابنديون لاڳو ڪري 12 سيپٽمبر تائين اسڪول انڊور ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پنجاب جي صحت کاتي مطابق 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ هڪ هزار 368 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڪي پي ڪي جي صحت کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ ڀارتي قسم جي ڊيلٽا ڪورونا وائرس تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي. ڪورونا هڪ حقيقت آهي، جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار نٿو ڪري سگهجي. ان ڳالهه کان به انڪار نه آهي ته هيءَ خطرناڪ ۽ پکڙجندڙ مرض آهي ۽ ان جا مختلف قسم هِن وقت به سڄي دنيا لاءِ مسئلو بڻيل آهن پر هڪ حقيقت اِها به آهي ته اسان وٽ ڪورونا جي پابندين جو پهريون شڪار اسڪول ئي ٿين ٿا. گذريل ٻن سالن ۾ ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند رهيون آهن، جڏهن ته ٻيو ڪاروهنوار ۽ ڪاروبار سخت پابندين ۽ هدايتن ۾ به هلي رهيو آهي. خبر ناهي ته ڇو هِن ملڪ جي اڪابرن کي بند ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان اسڪول ئي ملن ٿا. وفاق جا حڪم ۽ عمل گائيڊ لائين طور ورتا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن وفاق اسڪول بند ڪندو آهي ته صوبا پڻ اهڙي عمل کان پوئتي ناهن هٽندا. اسان سمجهون ٿا ته هاڻ اِهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪورونا خطرناڪ آهي ۽ وڌي رهي آهي ته پوءِ رڳو اسڪول بند ڪرڻ سان ان کي ختم نٿو ڪري سگهجي، پوءِ ته ملڪ ۾ ڪجهه هفتن لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون لڳائي ان کي روڪيو وڃي، باقي اسڪول بند ڪرڻ سان ڪورونا بدران تعليم ختم ٿي رهي آهي. جيڪڏهن ٻيا ڪاروبار ايس او پيز تحت هلي سگهن ٿا ته پوءِ اسڪولن کي به هلڻ ڏنو وڃي. وفاق جي اهڙي فيصلي کانپوءِ عين ممڪن آهي سنڌ حڪومت به اهڙو ڪو فيصلو ڪري، اڃا ته اسان جا اسڪول کلڻ کي هفتو به مس ٿيو آهي، جيڪڏهن وري اهڙو فيصلو ڪيو ويو ته شايد ان جو سخت ردعمل سامهون ايندو. ان ڪري هاڻ سڄي ملڪ ۾ يا ته هڪ ڀيرو سخت فيصلا ڪري مڪمل لاڪ ڊائون لڳايو وڃي يا وري رڳو اسڪول بند ڪرڻ واري روش ختم ڪرڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو