ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف وچ ۾ فون تي رابطو ، ٻنهي اڳواڻن پاران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبرز جي مقرري واري مامري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي پنجاب ۽ ڪي پي سان واسطو رکندڙ ٻن نون ميمبرن جي مقرريءَ جي مامر تي ن ليگ جي صدر شهبازشريف کي پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽيليفون ڪئي، هن چيو آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ الڪيشن ڪميشن جي ميمرن جي مقرري جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون ۽ اتفاق ڪيو ته هن آئيني مامري تي اپوزيشن جون ٻئي وڏيون جماعتن جي قيادت مشاورت سان گڏ اڳتي وڌنديون.
