103

عمران خان جو ھڪ رخ ڪرپشن خلاف روئڻ وارو آهي ته وري ٻيو رخ ملڪ ۾ ڦرمار ڪرڻ آهي: شازيا مري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته ايل اين جي جي خريداري ۾ 83 ارب روپين جو نقصان ڪرپشن جي ھڪ ڪهاڻي آهي ۽ عمران خان ايل اين جي کي لٽ مار جو ذريعو بڻايو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شازيه مري چيو آهي ته نااھل عمران خان ٻه مُنهين بلا آهي ۽ عمران خان جو ھڪ رخ ڪرپشن خلاف روئڻ وارو آهي ته وري ٻيو رخ ملڪ ۾ ڦرمار ڪرڻ آهي، ھن چيو ته ملڪي معيشت سان جڙيل هر وزارت ۾ اي ٽي ايم مشينن کي ويھاريو ويو آهي، عمران خان کي خبر آهي ته ھو ٻيھر ڪڏهن به اقتدار ۾ نٿو اچي سگهي ۽ عمران خان نه عوام ۽ نه ئي وري پارليامينٽ کي جوابده آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو